طفيل مگسي
برصغير جي ورهاڱو. جنهن کي اسان آزادي ڪوٺيون ٿا اٽڪل 77سال گذري ڇڪا آھن.جڏھن برطانوي سامراج برصغير متحده هندستان تي قبضو ڪيوته سڀ کان پهرين هتان جي تهذيب.ثقافت ۽ مقامي ٻولين تي حملو ڪيو ته جيئن اسان کي ذھني طور تي غلام بڻائي سگهي ۽ نسلن تائين اسان جي وسيلن کي ڦري سگهي.ان کانپوء ھن اسان جي انڊيجينيس يا خودڪار صنعت و حرفت ۽ دستڪاري کي تباه ڪيو ته جيئن پنهنجي صنعتي پيداوار جي لاء منڊي کي ڪشادگي ڏئي سگهي.
اردو ٻولي جي هٿرادو واڌ ويجه ۽ ترقي به برطانوي سامراج ڪئي هئي ته جيئن برصغير جي مقامي ٻولين کي ٻيئي درجي جي حيثيت ڏني وڃي ۽ مقامي رهواسين کان انهن جي ٻولي.ثقافت ۽ تهذيب کسي ڪري سماج جي بنيادن کي کو کلو ڪري سگهجي.اهي جيڪي ڪجه ماڻھو چون ٿا ته اردو مسلما نن جي ٻولي آھي.حقيقت ۾ اهي سڌوسنئون ڪوڙ بڪين ٿا.ڇوته جڏھن برصغير تي مسلمان بادشاهن جو راڄ ھو ته ان وقت هتي سرڪاري ٻوليء جو درجو اردو کي نه بلڪ پرشين(فارسي) کي هو.
جڏھن پاڪستان جو وجود عمل ۾ آيو ته جي ايم سيد به پاڪستان جي قيام جي حمايت ڪئي ۽ ان ۾ پنهنجو حصو پڻ وڌو.اهڙي ريت هندستان جي ڪميونسٽ پارٽي به قومن جي حق خوداراديت جي بنياد تي پاڪستان جي قيام جي حمايت ڪئي هئي.ليڪن حالتن اهو ثابت ڪيو آھي ته برصغير جو ورهاڱو ۽ پاڪستان جو قيام سامراجي ايجنڊا جي تحت ئي ٿيو هو.برصغير تي انگريز سامراج جي تسلط جي وقت هڪ پاسي هن ڌرتي ۽ ھن جي مٽيء جي غدارن.مخبرن ۽ وطن دشمنن کي نوازڻ جي لاء وڏيون جاگيرون الاٽ ڪيون ويون ته ٻيئي پاسي سامراجي استحصالي نظام کي سگه بخشڻ .آزادي جي جدوجهد ۾ حصو وٺڻ وارن کي سبق سيکارڻ ۽ عوام کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاء بيورو ڪريسي جو ڪشادو ڄار وڇايو ويو.
مقصد ته انهن ئي ٻنهيء قوتن پاڪستان کانپوء ملڪ تي قبضو ڪري ورتو.جيڪو هينئر تائين جاري آھي.هوڏانهن هندستان ۾ ترقي پسند تحريڪون مضبوط هيون ۽ ھنن آزادي جي جنگ پڻ وڙھي هئي ۽ قربانيون به ڏنيون هيون.ان ڪري آزاديء کانپوء اتي ڪشادي پيماني تي لينڊ ريفارمز ڪري جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪيو ويو.جنهن سان انهن جو ملڪ صنعتي عمل ڏانهن وڌيو.جهموري ادارا مضبوط ٿيا ۽ ملڪ هڪ سيڪيولر رياست بڻجي ويو.جڏھن ته ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ڏينهون ڏينهن بدبودار جاگيرداري نظام جي ور چڙھندو ويو.صنعتي ترقي ماٺار جو شڪار ٿي ڪري بدحال ٿيندي وئي ۽ جهموري ادارا کوکلا ٿي ويا ۽ ملڪ هڪ مذھبي جنونيت پرستي.انتها پرستي ۽ بنياد پرستي جي حوالي ٿي ويو.
پاڪستان ۾ اقتدار تي قبضو ڪري جاگيرداراڻي طبقي هڪ پاسي ملڪي سطح تي اسٽيٽس ڪوو کي برقرار رکيو ته ٻيئ پاسي اسٽيبلشمينٽ سان ڀاڱي ڀائيواري ڪندي ملڪ تي سامراجي بالادستي کي سگه بخشي.آزادي جا ميووا عوام تائين پهچائڻ جي لاء وسيلن جي برابري واري ورهاست جي بنياد تي معاشي ڍانچي جي نئين جوڙجڪ کان اکٻوٽ ڪئي وئي ۽ پيداواري رشتن کي غلامي جي زنجيرن ۾ وڪوڙي رکيو.ها جيتوڻيڪ هڪ منفي ترقي ضرور ٿي ته عالمي سطح تي برطانوي سامراج جي جڳه امريڪي سامراج ورتي ۽ ملڪي سطح تي سول بيورو ڪريسي جي جڳه ملٽري اسٽيبلشمينٽ حاصل ڪري ورتي.
هنن گڏجي ڪري مذھبي پنڊتن کي گڏ کنيو ۽ ملان.ملٽري.جاگيردار جي هڪ مضبوط ملت بڻائي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو.سياست ۾ مذھب کي زبردستي استعمال ڪيو ويو ۽ معاشري ۾ اميري غريبي.آقا ۽ غلام .جاگيردار ۽ هاري.صنعتڪار ۽ مزدور جي وچ ۾ فرق کي ايترو ته وڌايو جو ڄڻ ته امدر.آقا.جاگيردار ۽ صنعتڪار خدا جي چونڊيل مخلوق هجن.جڏھن ته غريب.غلام.هاري ۽ مزدور خدا جي نيچ مخلوق هجي.
ملڪ ۾ سامراجي ڦرلٽ جي دور وارن پيداواري رشتن کي جيئن جو تيئن رکيو ويو.جهموري روايتن کان اکٻوٽ.عوام جي معاشي.سياسي ۽ سماجي حقن کان انڪار عوام جي آزادي وارن خوابن کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو.اڄ جي انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾ به ٻاهر نڪري ڏسون ٿا ته هارين ۽ سندن اولادن کي اڱڻ کان تمام پري پنهنجيون چوپليون لاهي ڪري ڪيتريون ئي سرحدون ڪراس ڪري وڏيري جي سامهون اگهاڙي مٿين ۽ اگهاڙي پيرين ئي بيهڻو پوي ٿو.اڄ جي جديد انفارميشن جي دور ۾ به وڏيرن ۽ انهن جي اولادن جي اکين ۾ فرعونيت ۽ چهرن تي تڪبر ختم نٿي سگهيو.انهن حالتن ۾ ملڪ ۾ جهموريت جي احياء ۽ جهموري ادارن جي پيرن تي بيهڻ جا خواب ڏسڻ بيوقوفن جي جنت ۾ رهڻ جي برابر آھي.جيستائين اسان گڏجي ڪري اهڙي سماج کي ان جي منفي انجام تائين نٿا پهچايون.مذھب جي سياسي استعمال ۽ ملان جي ڪردار کان ته اوهان بلڪل واقف ئي آھيو.اسان هر ايندڙ ڏينهن ڪاروڪاري.جبري مذھبي تبديلي ۽ توهين مذھب جي نالي تي غريب ۽ مجبور عوام جي قتل و غارتگري ڏسون ٿا.
اهڙي ڏاڍ جي خلاف سرڪار ۽ عدالتون به عوام کي تحفظ ڏيڻ کان لاچار آھن.1923ع ۾ سنڌ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪمنڀر جي شھادت ۽ پنجاب جي شھر راجن پور سان تعلق رکڻ واري بهاء الدين زڪريا يونيورسٽي جي استاد جنيد حفيظ جي خلاف عدالت کان مٿاهيون ڪاروايون ان جون نشانيون آھن.اهڙا ماڻھو ايترو به شعور نٿا رکن ته جيڪڏھن مذھب جي نالي تي ڪنهن بيگناه سزا ڀوڳي ته اصل مذھب جي توهين اها هوندي.اسان اهو نٿا چاهيون ته ڪنهن مذھب جي توهين ٿيئي.ليڪن انهن مسئلن کي سلجهائڻ جي لاء قانون موجود آھي يا عدالتون موجود آھن.باوجود ان جي فرد قانون ۽ عدالتن کي موجود نه سمجهندي پنهنجا ذاتي فيصلا ڪن ٿا.جيڪو عمل سراسر انساني حقن جي بنيادي اصولن ۽ پاڻ قانون جي توهين واري دائري ۾ اچن ٿا.
جهموري حقن ۽ آزاد لکڻ ۽ تقرير جي آزادي.جهموري ادارن جي قيام ۽ جهموريت جي بنيادن کي کڙو ڪرڻ بنا ممڪن ناهي.ان ڪري اڄ جي دور ۾ حقن جي ڪا جدوجهد معاشي و سماجي ڍانچي کي ٽوڙڻڻ بنا ممڪن ناهي.جنهن جي لاء سامراج کان آزادي ۽ جاگيرداري نظام جو خاتمو بنيادي اهميت جو گهرجائو آھي.اوهان سڀني کي يقين هئڻ گهرجي ته ماڻھن کي شعور ڏدڻ بغاوت ناهي. نظريو سمجهائڻ ڀڙڪائڻ ناهي هوندو.حق ٻڌائڻ ڏوه ناهي هوندو.حق جو رستو ڏيکارڻ سازش ناهي هوندي ۽ خوف ختم ڪرڻ غداري ناهي هوندي.ان ڪري اسان کي هن پڪي ارادي سان نڪرڻو پوندو ته هي ملڪ انهن وطن فروش جاگيردارن جو ناهي بلڪ اسان جو آھي ۽ ان کي پاڻ کي ئي سنوارڻو پوندو ۽ آزادي جي منزل تائين پهچڻو آھي.
پڇاڙي ۾ آء ھتي ٿوري هن ڳاله جي جسارت ڪندس ته ملان ۽ مولوي جن منجهان اڪثر جو علم.نظام جي سبق تائين محدود هو ۽ ڪي چوٽيء جا مولوي هئا جن جا ڪارناما هي هئا:
مسجدن ۾ آذانون ڏيڻ.جنازي جي نماز پڙھائڻ.مئلن کي وهنجارڻ.نڪاح پڙھڻ.في سبيل الله جون دعوتون کائڻ. ڳالهين تي بحث و مباحثا ڪرڻ.مخالفن تي ڪفر جون فتوائون مڙھڻ.مذھب جي اصل مقصد کي نظرانداز ڪرڻ ۽ نمائشي مامرن کي فوقيت ڏيڻ.حڪمرانن ۽ اميرن جي مطابق مذھب جي ڪرڻ.معني و مطلب سمجهڻ بنا تلاوت ڪرڻ .روزه رکڻ تي زور ڏيڻ.ليڪن حرام کي نظر انداز ڪري ڇڏڻ.ظاهري پاڪيزگي کي اخلاقي پاڪيزگي تي اوليت ڏيڻ.عوام ۾ محبت ۽ رواداري پيدا ڪرڻ جي بجاء انهن ۾ نفرت پکيڙڻڻَ اسلام کي ڇند عقيدن ۽ عبادتن ۾ محدود ڪرڻ.رشوتون وٺي ڪري غلط فيصلا ۽ فتوائون ڏيڻ.چلم ۽ حقي کي منع ۽ تاش کي جائز سڏڻ.راڳ ۽ سنگيت کي گناه سڏڻ.ڊگهي شلوار قميص کي ناجائز سڏڻ.وار ننڍا يا وڏا رکڻ جي حق ۽ مخالفت ۾ فيصلا ڏيڻ.ڏاڙھي جي سائز کي بحث جو موضوع بنائڻ.وارن کي ڪاري يا ڳاڙھي ڪرڻ تي جائز يا ناجائز مسئلا
پيدا ڪرڻ.ڇهپر ڪٽرائڻ يا يا ڇڏڻ تي ۽ شعيو سني ٿي وڃڻ تي زور ڏيڻ.
عاشوري جي ڏينهن ماتم.ڪرڻ يا نه ڪرڻ کي مسئلو بنائڻ.نماز ۾ ھٿ ٻڌڻ يا هٿ کولڻ ۽ دن جي مٿان يا هيٺ ھٿ ٻڌڻ تي شديد بحث ڪرڻ.تيرهن سو سال اڳ سياسي اختلاف جيئن ته خلافت جي حقدار هئڻ جي مسئلي تي ايترو تڪرار ڪرڻ ته جهيڙي جهٽي تي ڳاه وڃي دنگ ڪري ٿي.
سيدن کي ذات سڏڻ يا نور قرار ڏيڻ تي ڪرڻ.تعظيمي سجدي جي حمايت ۽ مخالف ۾ ڊگهيون فتوائون جاري ڪرڻ.مخالفن کي خارجي. وهابي.ملحد.مشرڪ ۽ ڪافر جا لصب ڏيڻ .شيعو.سني.مالڪي.اهل حديث جي فرق ۾ انتها پسندي اختيار ڪري ملت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ.پير پرستي ۽ قبر پرستي کي پنهنجو شيو بنائڻ.ڇند ڦوڪ ۽ دعا تعويذ تي اعتماد رکڻ.ٽوڻي فيڻي جي ڪارن ڪڪڙن ۽ گهٽن کي چونڪن تي ڇڏڻ.مئل جو ٽيجهي.ڏھين.ويهين يا چاليهي تي قرآن پڙھي ڪري بخشڻ ۽ دعوتن کائڻ.غلامن ۽ ٻانهين جي سلسلي کي جاري رکڻ جي حق ۾ سبب پيش ڪرڻ.بادشاهن.جاگيردارن ۽ زميندارن کي روء زمين جو بادشاه اسلام ۾ جائز سڏڻ ۽ انهن جي حمايت ڪرڻ. ملن ۽ مولوين جي زندگي جا اهم مقصد هوندا هئا.جيڪي اڃا به جاري و ساري آھن.
اچو ته اسان سڀئي گڏجي ڪري هڪ ڪشادي ترقي پسند جمهوري تحريڪ جا بنياد رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون.جيڪو سامراجي معاشي غلامي ۽ فرسوده جاگيرداراڻي نظام جي ڄار ۾ ڦاٿل.سماج کي ٽوڙي ڪري وسيلن جي منصفاڻي ورهاست جي بنياد تي ملڪي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ڪيون.جنهن ۾ ھر شھري کي بنا ڪنهن مذھب.رنگ نسل جي اڳتي وڌڻ جا مواقعا ميسر ٿين.اڄ ھڪ ڀيرو وري ملڪ ۾ 1957ع ۾ ڍاڪا ۾ قائم ٿيڻ واري نيشنل عوامي پارٽي (نيب) جي طرز تي هڪ ترقي پسند جهموري پارٽي قائم ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي.جنهن جي لاء اسان سڀني کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.ڇاڪاڻ ته انهيء ۾ ئي غريب عوام.جي مسئلن جو حل آھي؛؛؛
انقلاب، زندہ باد
نام نهاد جاگیرداراڻي سماج میں جمهوری حقن جا خواب
عمران خان جو آرمي چيف کي خط، سياست ۾ مداخلت تي نظرثاني ڪريو
ايلون مسڪ پاران يو ايس ايڊ بند ڪرڻ جو اعلان
190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ سزا ٻڌائيندڙ جج جي بدلي
سعودي پاڪستان کي تيل تي دير ادائيگي جي سهولت ڏيندو
زراعت واري کاتي جي 110 آفيسرن کي گريڊ 17 کان 18 ۾ ترقيون
ججن جي بدلي تي راضي ٿيس، ٽرانسفر آئين تحت ٿيو
چين هڪ ٻيو اهم خلائي سنگ ميل حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب
شهيد الله بخش سومرو جي وڏي ڌيءُ رضيه سومرو لاڏاڻو ڪري وئي
شاهه لطيف ۾ پوليس جي ڪارروائي، ڇوٽو ٽولي جا 6 جوابدار گرفتار
چوٽياريون واقعي جي آءِ ٽي جوڙڻ تي جواب عدالت ۾ جمع
زرعي ٽيڪس جو ذميوار ايف بي آر قرار
وڏي وزير پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو
صدر سڀاڻي چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿيندو
شهباز ۽ حمزه خلاف رمضان شُگرملز ڪيس ۾ فيصلو محفوظ
اتحاد ۽ اتفاق سان دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي :وزيراعظم
پ پ جو مطالبو رد، پارليامينٽ ميمبرن جون تڪراري ترقياتي اسڪيمون بحال
پيڪا ايڪٽ جو مقصد سوشل ميڊيا جي خطرن جو تدارڪ ڪرڻ آهي
سنڌ ۾ پهرين جنوري کان زرعي ٽيڪس لاڳو، 6 لک تائين جي آمدن تي ڇوٽ
ھادي بخش ڀٽ جي ورسي جو پروگرام منعقد،خراج پيش