ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ناڪاره جهاز جي ڪراچي کان حيدرآباد منتقلي شروع ٿي وئي، جهاز کي شاهراهه فيصل کان نيشنل هاءِ وي طرف روانو ڪيو ويو. ٽرانسپورٽ ڪمپني جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته جهاز کي 128 ويلر ٽرالر جي مدد سان حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي. جهانگير صديقي چيو ته پوئين جهاز جي مقابلي ۾ هي جهاز وڏو آهي، جهاز سڀاڻي رات تائين حيدرآباد پهچي ويندو. ان کان اڳ ترجمان سي اي اي جو چوڻ هو ته 60 ٽن وزني ۽ 160 فٽ ڊگهو جهاز تربيتي مقصد لاءِ منتقل ڪيو ويندو، اهو ايم ڊي 83 جهاز 25 ڊسمبر 2011ع کان غير فعال آهي. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر منير عالم جو چوڻ آهي ته جهاز کي ملير نيشنل هاءِ وي کان گهارو ۽ ٺٽي جي رستي حيدرآباد ۾ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ٽريننگ سينٽر منتقل ڪرڻو آهي ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل اٿارٽيز کان اين او سيز حاصل ڪيون ويون آهن. اختيارين موجب منتقلي کي آسان ڪرڻ جي لاءِ جهاز کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي ته جيئن سفر دوران ٽريفڪ متاثر نه ٿئي.
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو
چوپائي مال ۽ ماهيگيرن لاءِ انقلابي منصوبن تي ڪم ڪنداسين: ملڪاڻي
وفاقي حڪومت سان اختلافن جي نبيري لاءِ پي پي پاران ڪميٽي قائم
عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ سستي بجلي فراهم ڪرڻ ترجيح آهي
توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور
سنڌ پوليس لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جو آرڊر ڏنو آهي: لنجار
ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ايس ٽي پي سڪرنڊ باءِ پاس تي ڌرڻو
بنون چوڪي تي حملو، 12 جوان شهيد، 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا
سلام آهي سنڌ جي ماڻهن کي جن سرڪار کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ کان روڪيو
مڇي مارڻ لاءِ ماحول دوست ۽ جديد طريقا اختيار ڪريو، شاهه
پيپلز پارٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي گهري ورتي
اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز، سعودي جو اتفاق
ناڪاره جهاز جي ڪراچي کان حيدرآباد منتقلي
بخشاپور ۾ اڻڄاتل هٿياربندن هٿان ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻو قتل
ٿرڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، هڪ زخمي
سڳين ۾ منشيات جو وڪرو عام، نوجوان منشيات واپرائڻ سبب فوت