اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) 7 ارب ڊالر جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي(اي ايف ايف) جي تحت 22 شرطن جي منظوري سان گڏ ئي پاڪستان آءِ ايم ايف سان لکت ۾ معاهدا ڪيا آهن جن تي ناڻي واري وزير ۽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.اهڙن معاهدن جي تحت پاڪستان جون 2025 تائين خصوصي اقتصادي زونز جي مراعتن کي مرحليوار ختم ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ جي ذميواري کي قبول ڪيو آهي. سمورن سيزس جي مراعتن کي 2035 تائين مرحليوار ختم ڪيو ويندو.حڪومت جون 2025 تائين هڪ منصوبو تيار ڪندي ۽ سيزس جي سمورين موجوده مراعتن کي 2035 تائين مڪمل طورتي ختم ڪرڻ جي لاءِ عمل ڪندي.حڪومت آءِ ايم ايف جي انهي شرط کي به قبول ڪيو آهي ته پاڪستان ڊسمبر 2024 تائين گيس ٽيرف ۾ تبديلين جي منظوري ڏيندو ۽ 2025-26 جي بجيٽ ۾ ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن تي 5 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائي ويندي.اينٽي ڪرپشن فريم ورڪ کي بهتر بنائڻ جي لاءِ حڪومت 2025ع تائين سول سروس ايڪٽ ۾ ترميم ڪندي ته جيئن اعليٰ سطحي عوامي عهديدارن جي اثاثن جي ڊيجيٽل فائرلنگ ۽ عوامي پهچ کي يقيني بنائي سگهجي.(ذاتي ڄاڻ جي حفاظت سان گڏ) ۽ ايف بي آر جي ذريعن اثاثن جي جاچ جي لاءِ هڪ مستحڪم فريم ورڪ تيار ڪيو ويندو.حڪومت مالي سال 2025 جي لاءِ بجلي جي شعبي ۾ خرچن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندي. آءِ ايم ايف جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي قرض ادائيگي جي صلاحيت کي نمايان خطرا پيش آهن ۽ اهو پاليسين جي موثر نفاذ ۽ وقت تي ٻاهرين مالياتي تعاون تي ٻڌل آهي.
چمبڙ: ڳوٺ ڇتن آريسر ۾ نوجوان ناري آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنڌڪوٽ ۾ کوسا ۽ گولا برادري ۾ تڪرار، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي
آءِ نائن ٿاڻي تي ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور اشتهاري قرار
لاهور دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ پهرين نمبر تي برقرار
سياري جي موڪل بعد سمورن ٻارن کي ٽرانسپورٽ ڏيڻ جو حڪم
بشريٰ جو بيان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي برابرآهي : ارسلان
بشريٰ بي بي جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري، گرفتاري جو حڪم
عمران سان ملاقاتون نه ڪرائڻ تي جيل سپرنٽينڊنٽ جي معافي قبول
عدالتي رپورٽنگ تي پيمرا جي پابندي ڪالعدم قرار
مان ۽ جاويد ڇوڪرين سان دوستين ۾ مقابلو ڪندا هئاسين: سيد نور
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي بعد وري مندي، انڊيڪس 2000 پوائنٽن جو اضافو
توشه خانه 2 ڪيس ۾ عمران خان کي آزاد ڪرڻ جا روبڪاري جاري
اظهر علي يوٿ ڊولپمينٽ جو سربراهه مقرر
گوادر هوائي اڏو افتتاح بعد به اڃا فنڪشنل نه سگهيو، وزير جي ڪاوڙ
شام تي اسرائيلي فوج جو حملو، 79 ايران نواز ويڙهاڪ مارجي ويا
سنڌيار سکر 22 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 22 نومبر 2024ع
سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاھڻ بند ڪيو
احتجاج جي اجازت نه ڏيڻ جو حڪم، پي ٽي آءِ قيادت سان رابطي جي هدايت
ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي فائرنگ 42 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي