نتاشه جي منشيات ڪيس ۾ به ضمانت منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪار حادثي ۾ گرفتار عورت جوابدار جي منشيات ڪيس ۾ به ضمانت منظور ڪئي وئي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اسان جي هڪ ايف آءِ آر ۾ ضمانت جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي. ان ڪيس جي ايف آءِ آر ۾ ڌرين وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي.پبلڪ پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته جوابدار نشي جي حالت ۾ گاڏي هلائي رهي هئي.جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ مونجهارو آهي ڇو ته ميٿا فيٽا مائن رت ۾ نه پر پيشاب ۾ موجود هئي.عدالت پبلڪ پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته پيشاب ۾ ميٿا فيٽامائن جي مقدار ڪيتري آهي، جنهن تي پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ مقدار جو ذڪر ناهي.ان موقعي تي ايڊووڪيٽ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته منهنجو موکل سالن کان نفسياتي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائي رهيو آهي، اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪا دوا ڏني وئي هجي جنهن جو ذڪر ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي.جسٽس ڪي ڪي آغا رمارڪس ڏيندي چيو ته اها به وڏي ڳالهه آهي ته ان ڪيس جي متاثرن جوابدارن سان صلح ڪيو آهي، جوابدار ٽن ٻارن جي ماءُ آهي ۽ گذريل ڏيڍ مهيني کان جيل ۾ آهي.ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪار حادثي ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت منظور ڪندي منشيات ڪيس جي ضمانت ڪري ڇڏي. عدالت جوابدارن کي 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پوليس موجب جوابدار خلاف ممنوع منشيات جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.جڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جي عدالت ڪار حادثي ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن کي جوابدارن جي وڪيل سيشن ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، پر سيشن ڪورٽ به جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي فيصلو برقرار رکيو. عدالتي مئجسٽريٽ. جنهن بعد جوابدارن ان فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو