ندا ڊار ايشيا ڪپ ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ جي خواهشمند

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان وومين ٽيم جي ڪپتان ندا ڊار جو چوڻ آهي ته وومين ايشيا ڪپ ۾ پهرين ميچ ڀارت سان کيڏڻي آهي، جنهن لاءِ تمام گهڻو جوش آهي ڇو ته هن ميچ ۾ ڪنهن کي به اٿارڻ ۽ جاڳائڻو نه گهرجي.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت اڳ به هارائي چڪو آهي ۽ چاهيان ٿو ته ايشيا ڪپ جي شروعات هن ڀيري به ڪاميابي سان شاندار انداز ۾ ٿئي. ندا ڊار چيو ته هن گذريل ايشيا ڪپ جو سيمي فائنل کيڏيو پر ڪاميابي نه ملي، هن ڀيري تمام گهڻي تياري آهي ۽ سيمي فائنل ۽ فائنل کٽڻ جون اميدون نظر اچي رهيون آهن قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان چيو ته هوءَ چاهي ٿي ته سندس قيادت ۾ پاڪستان وومين ٽيم ايشيا ڪپ يا ورلڊ ڪپ جي ٽرافي کڻي. ايشيا ڪپ سريلنڪا ۾ آهي ۽ ورلڊ ڪپ به بنگلاديش ۾ ٿيندو ٻئي اهم ايونٽ ايشيائي حالتن ۾ آهن ۽ اسان کي ايشيائي حالتن ۾ کيڏڻ جو وڌيڪ تجربو آهي.هن چيو ته ايشيا ڪپ ورلڊ ڪپ جي تيارين جو بهترين موقعو فراهم ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو