نسيم شاهه ۽ شاهين آفريد سال جا بهترين بالر قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي هيڊڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق نسيم شاهه ۽ شاهين شاهه آفريدي کي سال 2019 ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا بهترين بالر قرار ڏنو آهي. پي سي بي طرفان جاري ڪيل تجزئي مطابق پاڪستان ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ ۾ پنهنجي پهرين ڪاميابي سال جي اختتام تي سريلنڪا خلاف نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ حاصل ڪئي پر ان کان پهرين قومي ٽيسٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا خلاف متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهي. ان کان علاوه سال 2019 راندين جي ميدان ۾ پاڪستان لاءِ نمايان سال رهيو. هن سال پاڪستان ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون پر ڪجهه ايٿلٽس اهڙا به آهن جنهن پاڪستان کي نمايان مقام ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن رانديگرن ۾ انعام بٽ، ارشد نديم، محمد آصف، بابر اعظم، محمد وسيم، شاهه حسين شاهه، بسمعه معروف، سعدي عباس، نجمه پروين، ماحور شهزاد شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو