لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور گلوڪارا پنهنجي مڙس نويد حسين تي تشدد ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي. لاهور جي شاهدره ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ هن چيو آهي ته مان گهر جي صحن ۾ ويٺي هئس ته مڙس بدزباني شروع ڪئي، منع ڪرڻ تي هن گاريون ڏنيون ۽ سروٽو منهن تي هنيو جنهن سان منهن ۽ نڪ تي ڌڪ لڳو آهي. هن مڙس کي گرفتار ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جانچ ڪري رهيا آهيون. پوليس جو چوڻ آهي ته نصيبو ۽ سندس مڙس ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي جنهن بعد ڪيس خارج ڪيو ويو آهي. نصيبو جي ڀاءَ شاهد لال ٻنهي ۾ صلح جي تصديق ڪئي آهي.
