نصير دشتي ۽ حليم باغي لاءِ جي ايم سيد ميموريل ايوارڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ جديد قومپرستي جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي يادگار ايوارڊ بلوچستان جي ليکڪ نصير دشتي ۽ سنڌ جي مزاحمتي شاعر حليم باغي کي ڏنو ويو آهي. اهڙو اعلان جي ايم سيد ميموريل ايوارڊ 2023ع ڪاميٽي پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو ويو آهي. سنڌ جي شناخت، ٻوليءَ، سنڌ جي حقن واري تحريڪ ۾ ڳڻپ جوڳو ڪردار ادا ڪرڻ تي هي ايوارڊ ڏنو ويندو آهي. جي ايم سيد ميموريل ايوارڊ اهڙين شخصيتن کي ڏنو ويندو آهي، جيڪي سائين جي ايم سيد جي فڪر کي مان ڏيندي ان سان سلهاڙيل هوندا آهن. ماضيءَ ۾ جن شخصيتن کي اهڙن ايوارڊن سان نوازيو ويو، اُنهن ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي، محمد ابراهيم جويو، ڪامريڊ سوڀو گيان چنداڻي، عبدالواحد آريسر، وينا شرنگي، اختر ڪاڪيپوٽو، سهيل ميمڻ، تاج جويو، صفدر سرڪي، آزاد قاضي، ثريا مخدوم، عطا محمد ڀنڀرو، ناز سنائي، عبدالخالق جوڻيجو، استاد محمد راھمون، ڊاڪٽر حيدر شاھاڻي، خالد ھاشماڻي، سرفراز ميمڻ، ياسين جوڻيجو، خادم سومرو، موھن گيھاڻي، خاڪي جويو، سندر اگناڻي، چارلس گريوس، ايم ڪي جيٽلي ۽ پارو چاولا سوڌو ٻيا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو