اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم جوڊيشل ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي استعيفيٰ ڏيندڙ جج مظهر علي اڪبر نقوي جي خلاف شڪايتن تي ٻڌڻي چونڊن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.سپريم جڊيشل ڪائونسل جي پڌرائي واري اجلاس ۾ جسٽس سردار طارق، جسٽس منصور علي شاهه، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس امير ڀٽي ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم اختر افغان شرڪت ڪئي. اجلاس دوران بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سيڪريٽري ڪائونسل جزيلا اسلم کي هدايت ڪئي ته هو خواجا حارث کي مليل خط پڙهي ٻڌائن، جنهن تي سيڪريٽري ڪائونسل چيو ته خواجا حارث جي معاون وڪيل ڊاڪٽر ياسر خط جمع ڪرايو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته هو 11:30 تي پهچي نٿو سگهي. خط ۾ خواجا حارث چيو ته ڪائونسل رڳو حاضر سروس جج خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. ملاقات دوران اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته کيس وفاقي حڪومت طرفان عافيه شهربانوڪيس جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. عافيه شهربانو ڪيس جو فيصلو ڪالهه عدالت ۾ ٻڌايو ويو. اٽارني جنرل موجب وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته عافيه شهربانو فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري رهي آهي. ڪو به اعتراض ناهي ته ڪائونسل اڄ ڪارروائي ملتوي ڪري. جنهن تي چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته پوءِ اهو ئي ڪريون ٿا ۽ ڪائونسل جي ڪارروائي چونڊن تائين ملتوي ڪري ڇڏي. بعد ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل ڪيس جي ڪارروائي 15 فيبروري تي ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سياست جو حقيقي مفهوم ۽ اسان جي ملڪ جي سياست
سنڌيار سکر 19 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 19 سيپٽمبر 2024ع
فوڊ اٿارٽي جون ڪاروايون،466 ڇاپن دوران دڪان،بيڪريون سيل ،ڏنڊ
نمبر پليٽس جي لاءِ آن لائن ٻولي ڏيڻ وارو عمل جلد شروع ڪيو ويندو
بلاول سان پ پ لائرز فورم جي ملاقات،آئيني ترميمن بابت بحث
آئيني ترميم تي حڪومت جو تيار ڪيل مسودو مڪمل طور تي رد ڪيو
190 ملين پائونڊ ڪيس، ٽرائل ڪورٽ کي حتمي فيصلو نه ٻڌائڻ جو حڪم
جي يو آءِ انٽرا پارٽي ڪيس، 2 مهينن جو وقت گهرڻ تي فيصلو محفوظ
سي ٽي ڊي مقابلو، 3 دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا
جماعت اسلامي پاران 50 رپيا في لٽر پيٽرول گهٽ ڪرڻ جي گهر
واهي پانڌي ۾ ٻن ڌرين جي فائرنگ، عورت قتل، لاش رکي ڌرڻو
آرمي چيف ۽ ججز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي
سينيٽ مڪمل ناهي، ترميمون ڪيئن منظور ٿينديون؟ خان
ڪراچي جي روڊن جي مرمت لاءِ اڍائي ارب رپين جي منظوري
سيڪيورٽي مسئلو آهي ته ڪراچي ۾ جلسن تي پابندي لڳايو
لاهور جلسي جون تياريون جاري آهن: گنڊاپور
پنجاب واسين سان دوکو،سنگل فيز ميٽر وارن کي بجلي رعايت ملڻ لڳي
پاڪستاني بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت نه ڪنداسين: آمريڪا
ايڪسچينج ۾ تيزي، انڊيڪس ۾ 542 پوائنٽس جو اضافو