اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف پارليامينٽرين جي باني پرويز خٽڪ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي آهي.ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي قيام بابت قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهندڙ عنصرن سان وڙهڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو.پرويز خٽڪ اسلام آباد ۾ احتجاج دوران شرپسندن جي حملي ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي ان کي اڳتي وڌائڻو آهي، عوام رڳو پنهنجن مسئلن جو حل چاهي ٿو.محسن نقوي جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي ۽ دنيا جي ڪا به طاقت ان کي ترقي ڪرڻ کان روڪي نه ٿي سگهي.
پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان دنيا جو بهترين ملڪ آهي
هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 13 هزار پوائنٽس جي حد پار
ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي
جيڪب آباد واسي فوجي جوان دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد
لولائي شاخ وٽ مقابلو ، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار
سنڌڙيءَ ۾ گيس ليڪيج سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان فوت
بازئي فيصلو ڪالعدم، صاحب جو حڪم آيو ڪميشن ڪري ڇڏيو
صدر زرداري سان چيني واپاري وفد جي ملاقات،سيڙپڪاري بابت ڳالهيون
توشه خانه 2، ايف آءِ اي بشريٰ جي ضمانت رد ڪرائڻ ۾ ناڪام
نقوي سان خٽڪ جي ملاقات،گڏيل مامرن تي ڳالهيون
شام جي خودمختياري جو احترام ڪرڻي گهرجي: ممتاز بلوچ
”سڀن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان“ ، سلمان اڪرم
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو
26هين آئيني ترميم سياسي بحران ۾ واڌپئي ڪري: لياقت بلوچ
بلوچستان ۾ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڀينرون اجل جو شڪار
پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جا رانديگر سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا روانو ٿيندا
سلينا گومر بيني بلانڪو سان مڱڻي ڪري ڇڏي
عورتن جا ﺣﻖ
سنڌيار ڪراچي 12 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 12 ڊسمبر 2024ع