ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ انسداد دهشتگردي ۽ سيڪيورٽي ڪميٽي جو اهم اجلاس زوم جي ذريعي منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ ٻين وزيرن ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ انسداد دهشتگردي (سي ٽي) ڪميٽي ۽ “هارڊن دي اسٽيٽ” ڪميٽي جو ٻيو اجلاس زوم ذريعي منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير مملڪت طلال چوڌري، چئني صوبن جي گهرو وزيرن ، انسپيڪٽر جنرلز پوليس، وفاقي ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل ادارن جي سربراهن پڻ شرڪت ڪئي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار گڏجاڻي ۾ ڪراچي مان آن لائن شرڪت ڪئي، جتي هن سان گڏ گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري اقبال ميمڻ، گهرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري سعيد شيخ، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ بلال شيخ پڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ مرڪزي اپيڪس ڪميٽي تحت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان پيش رفت جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سنڌ حڪومت طرفان ڪيل سيڪيورٽي قدمن کي ساراهيو، خاص طور تي انڊس هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي سان گڏوگڏ ڪچي جي علائقن ۽ ملحقه ضلعن ڪشمور، شڪارپور، گھوٽڪي ۽ سکر ۾ ڪيل قدمن کي مؤثر قرار ڏنو.اجلاس ۾ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ سيڪيورٽي، انسداد دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي روڪٿام ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مربوط ۽ مؤثر بڻائڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو ويو.
