اسلام آباد (پ ر) پاڪستان حڪومت زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارين 127ملڪي ۽ غير ملڪي شخصيتن کي 23 مارچ تي سول اعزاز ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. مختلف شعبن ۾ شاندارڪرگردگي ڏيکارڻ وارن اديبن، شاعرن، ليکڪن، صحافين، گلوڪارن، اداڪارن، سائنس، طب ۽ ٻين شعبن ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي ايوان صدر ۾ رٿيل تقريب ۾صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان تمغا پيش ڪيا ويندا. تمغا حاصل ڪندڙن ۾ صدرالدين هاشواڻي، وقار يونس، وسيم اڪرم، مرحوم سراج رئيساڻي، ڊاڪٽر عنايت الله پرهياڙ، ڪليم لاشاري، عقيل ڪريم ڍيڍي، تاج بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن. اداڪار مهوش حيات کي پنهنجي اداڪاري ۽ ڳائڻ واري صلاحيتن جي ڪري ۽ خاص طور تي ان جي ٻن فلمن، پنجاب نهين جائون گي ۽ جواني پهر نهين آني ۾ بهترين اداڪاري جي ڪري کيس تمغه امتياز ڏنو پيو وڃي. موسيقي ۾عطا الله خان عيسيٰ خيلوي ۽ سجاد علي کي ستاره امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سجاد علي جا چيف صاحب، سنڊريلا ۽ ياد تو آتي هوگي گيت سڀني عمر جي مداحن ۾ مشهور آهن. پاڪستاني اداڪار بابرا شريف پڻ پنهنجي اداڪاري صلاحيتن لاءِ ساڳيو تمغو حاصل ڪندي. صدرعارف علوي ٻين اداڪارائن ريما خان، شبير جان، مزاحيه فنڪارافتخار ٺاڪر ۽ صحافي ارشد شريف کي پرائڊ آف پرفارمنس جو اعزاز ڏنو ويندو.
اگر آپ کو کسی مخصوص خبر کی تلاش ہے تو یہاں نیچے دئے گئے باکس کی مدد سے تلاش کریں