نه ٿو چاهيان ته ڀارت چيمپئنز ٽرافي 2025 پاڪستان ۾ کيڏي: ڪنيريا

لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسپنر دانش ڪنيريا چيو آهي ته هو نٿو چاهي ته ڀارتي ٽيم آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع پاڪستان ۾ کيڏي.هن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٽورنامينٽ کي هائبرڊ ماڊل ۾ کيڏڻ گهرجي.’مين ان بليو‘ (انڊين ٽيم) ڪافي عرصي کان پاڪستان جو سفر ناهي ڪيو ۽ اهو واضح ناهي ته ڇا ڀارتي حڪومت هن ڀيري به ٽيم کي پاڪستان ۾ کيڏڻ جي اجازت ڏيندي.دانش ڪنيريا جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ 2023 هائبرڊ ماڊل ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ ڀارت پنهنجون ميچون سريلنڪا ۾ کيڏيون.ويب سائيٽ ”ڪرڪ ٽو“ جي رپورٽ موجب اسپورٽس ٽاڪ ۾ ڳالهه ٻولهه دوران دانش ڪنيريا چيو ته پاڪستان جي صورتحال سٺي ناهي، ڀارتي ٽيم کي هتي (پاڪستان) نه اچڻ گهرجي ۽ پاڪستان کي به ان بابت سوچڻ گهرجي. خير، حتمي فيصلو آءِ سي سي ڪندي پر مان چاهيان ٿو ته ٽورنامينٽ هائبرڊ ماڊل ۾ کيڏي وڃي.دانش ڪنيريا رانديگرن جي حفاظت جي حوالي سان بي سي سي آءِ جي سوچ کي ساراهيو ۽ چيو ته رانديگرن جي حفاظت سڀ کان اهم آهي، عزت ٻي ترجيح آهي، منهنجو خيال آهي ته بي سي سي آءِ تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي، سمورا ملڪ ان فيصلي کي قبول ڪندا. چيمپئنز ٽرافي هائبرڊ ماڊل ۾ کيڏي ويندي.هن اهو به چيو ته پاڪستان رڳو پئسي بابت سوچي رهيو آهي، جيڪڏهن ڀارت پاڪستان ۾ اچي ٿو ته ملڪ کي وڏي پئماني تي مالي مدد ملندي ۽ اهو ئي هو (پاڪستاني اختياريون) چاهين ٿا، هو سيڪيورٽي جهڙن معاملن کي نه پيا ڏسن.

پهنجو تبصرو موڪليو