نوابشاهه (ن س )نوابشاهه پوليس ڪارروائي دوران منشيات سان ڀريل ٽرڪ هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. بڇيري روڊ ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.پوليس ڪارروائي دوران منشيات سان ڀريل ٽرڪ ھٿ ڪري جوابدار علي حسن بروهي کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته منشيات وڪرو ڪندڙ ۽ ڏوھارين کي ڪنهن صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ڀلي هو ڪيترا به طاقتور ڇو نه هجن.
![](https://www.dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2024/03/Police.jpg)