نواب ولي محمد ۾ پوليس ڪارروائي، جوابدارگرفتار، چرس هٿ

نواب ولي محمد (ن س )نواب ولي محمد پوليس منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جاري رکندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري 5 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس ڳوٺ خدا بخش ماڇي واسي محمد علي عرف مور ماڇي کي گرفتار ڪري پنج ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.گرفتار ٿيل جوابدار خلاف سب انسپيڪٽر ڪريم بخش جي فرياد تي منشيات ايڪٽ تحت قاضي احمد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ هو ته منشيات فروشن توڙي ڏوهارين سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيندي، علائقي واسي منشيات جي خاتمي لاءِ هلندڙ مهم ۾ پوليس جو ساٿ ڏين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو