نوازشريف جي طبيعت خراب، ڊاڪٽرن پاران مڪمل آرام جو مشورو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب اڳوڻي وزراعظم نوازشريف جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي آهي. ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان روزاني جي بنياد تي نوازشريف جو معائنو ڪري رهيو آهي، ذاتي ڊاڪٽر مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ کي هوائي سفر ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن جو انهي حوالي سان چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو وڏو ڀاءُ نوازشريف رمضان المبارڪ جو آخري ڏهاڪو سعودي عرب جي شهر مڪي ۽ مديني ۾ گذاريندو آهي.هن ڀيري به ميان نوازشريف جي خواهش هئي ته هو مقدس جڳهه تي رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني جو آخري ڏهاڪو گذاري پر سندس معالج کيس هوائي جهاز جي سفر جي اجازت نه ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو