پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته جن ماڻهن قومي سلامتي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس گهرايو هو انهن کي ٻڌائڻ گهرجي ته نواز شريف ڇو نه آيو، بئريسٽر محمد علي سيف هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڇا نواز شريف جي قومي سلامتي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس مان غير حاضري دهشتگردن جي حمايت جي برابر آهي؟، هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن کي قيد ڪري حڪومت پاڻ قومي اتفاق راءِ کي ناڪام بڻايو آهي، پي ٽي آءِ قوم جي اتحاد ۽ دهشتگردي خلاف جذبات جي سچي ترجمان آهي، سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ دهشتگردي خلاف قربانيون ڏيندڙ بهادر ماڻهن سان گڏ بيٺي آهي، بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته ڪنهن به نئين آپريشن کان اڳ قومي اتحاد جي مضبوطي پهرين شرط آهي،هن اهو به چيو ته حڪمرانن جي جذبات ۽ لفظن جي ورجاءُ دهشتگردي کي تبديل نٿو ڪري سگهي.
