نوان ڪينال ۽ ڊيم ٺاهي، سنڌو درياهه جو قتل ڪيو پيو وڃي

حيدرآباد (پ ر) سنڌو درياهه تي لڳندڙ ڌاڙن، سنڌ جي زمينن تي قبضن، وسيلن جي ڦرلٽ، ڇهه نون ڪينالن، ڌاڙيل راڄ، عورتن مٿان ٿيندڙ ظلمن ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌياڻي تحريڪ طرفان 17 نومبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل ريلي لاءِ عوامي سجاڳي مهم جاري. عوامي سجاڳي مهم جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ موٽر سائيڪل ريلي، ٺٽي ضلعي جو دورو، بدين ۾ اجلاس، ٽنڊوالهيار ۾ 2 ڪلوميٽر پيادل ريلي، شهرين کي هينڊ بل ڏنا ويا. تفصيلن موجب سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري بختاور ملاح، مرڪزي اڳواڻ سلمي لاشاري، سائره پليجو ۽ رزاق چانڊيو ٽئي ڏينهن به ٺٽي ضلعي جو دورو ڪيو، ڳوٺ محمد عارف پليجو، ڌاٻيجي، گهارو، کاري سير، جنگشاهي سميت مختلف ڳوٺن ۾ عورتن کي ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان سان گڏ جنگشاهي ۾ عوامي تحريڪ جي باني قائدانقلاب محترم رسول بخش پليجو صاحب جي آخري آرام گاهه تي پهچي، گلن جي چادر چاڙهي سلامي پيش ڪئي وئي. عوامي تحريڪ تعلقي قاسم آباد طرفان پرنس ٽائون، علي پليس، سحرش نگر، پٺاڻ ڪالوني، گدو چوڪ، چانڊيا ڳوٺ، ڳوٺ سنجر ملاح سميت مختلف علائقن کان موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي نسيم نگر چوڪ تي جلسي عام ڪيو ويو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، ڄام تماچي، ايڊووڪيٽ اشوڪ ڪمار، ايڊووڪيٽ ابرار ابڙو، سليم ٻڌ، مهر ٻٻر، اقبال عباسي، سڄڻ شاهاڻي، علي رضا جلباڻي، علي احمد ٽالپر، الطاف راهوجو، گل محمد بروهي، هاشم راڄپر، علي بحر رستماڻي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ٽنڊو باگو ۾ ٿيو، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري لال جروار، محمد علي ٽالپر، ھميرو مل، ضلع صدر مھراڻ درس، مختيار بڪاري، بيگم زئور، بيگم ٽالپر، سريش ڪمار، محبت ھاليپوٽو، اي ڪي احمداڻي، جاکرو نوحاڻي، فاضل زئور، ستو ڪولھي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ٽنڊوالهيار ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالرحمٰن سمون، نياز بهراڻي، اسد نظاماڻي، خليل اوٺو، بچل سميجو، درمحمد سميجو، جان محمد بهراڻي، درياءَ خان سميجو، عطا اللہ مگسي، اجو لال، ماجد بهراڻي، مير حسن سمون، ايڊووڪيٽ سائين بخش جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 2 ڪلو ميٽر پيادل ريلي ڪڍي شهرين کي ريلي ۾ شرڪت جو سڏ ڏنو ويو، مسئلن جا هينڊ بل ورهايا ويا. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرھياڙ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ زاھده لاشاري جي اڳواڻي ۾ تعلقي بٺوري جي مختلف ڳوٺن ڪامريڊ بچل ملاح، آمن زئور، محمد ٻائيتار، امين زئور، ابراھيم ڪيڙانو ۽ دڙو شھر جو دورو ڪيو ويو جتي گڏ ٿيل سنڌياڻين جي ميڙاڪن کي خطاب ڪيو ويو. عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ضلعي صدر عزيز ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيو جنھن ۾ مرڪز عبدالقادر رانٽو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ، زاھده لاشاري، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرھياڙ، مرڪزي خزانچي علي محمد پرويز، مرڪزي اڳواڻ ساگر مجيد پرھياڙ، محمد ڏيٿو، حسين آزاد، ايوب ٻائيتار، خالد سمون، نياز ميمڻ، نواز ڏيٿو، عمر ڏيٿو، مير ٽڳڙ، درياخان زئور، اشرف ميمڻ، يعقوب ڪيڙانو، رزاق ٻائيتار، عثمان ٿھيم، نجم ڪيڙانو، مھراڻ ملاح، بچايو ڏيٿو، لطيف اياز ميمڻ، دلدار ڏيٿو، آمن زئور، فياض زئور، نورمحمد زئور ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي ضلعي ڪميٽي جو اجلاس ضلعي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر جي صدارت ۾ دادو ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ داد محمد مگسي، ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو، ايڊووڪيٽ شبير کوسو، شيخ جمال برهماڻي، لال بخش بروهي، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، ايڊووڪيٽ احسان علي ڪيريو، عبدالڪريم لغاري، ميانداد برھماڻي، منظور علي لاشاري، عبدالرسول کوهارو، عبدالوحيد بروهي، بلاول ٻٻر، هادي ڏنو کوهارو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان دوران خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نوان ڪينال ۽ ڊيم ٺاهي، سنڌو درياهه جو قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، 17 نومبر تي هزارين سنڌياڻيون ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌو درياءَ بچائڻ لاءِ ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائينديون. سنڌو درياهه جو قتل پنجاب جي عوام لاءِ به نقصانڪار آهي، ريلي ۾ شرڪت لاءِ پنجاب جي ترقي پسند ڌرين کي به دعوتون ڏنيون ويون آهن. پنجاب جا حڪمران گذريل ڏيڍ صديءَ کان سنڌو درياءَ تي ڌاڙا هڻندا پيا اچن، پنجاب جي عسڪري ادارن جي آفيسرن جون بنجر زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي صدين کان آباد زمينن جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي ايوان صدر کي سنڌو درياهه، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي وڪري لاءِ نيلام گهر بڻائي ڇڏيو آهي. اسين پيپلز پارٽي سرڪار کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جو عوام درياهه جو وڪرو برداشت نه ڪندو. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ٿيندڙ سنڌ جي زمينن جي وڪري خلاف ڀرپور جدوجھد ڪئي ويندي. هنن چيو ته سنڌ زمينن تي قبضن، وسيلن جي جي ڦرلٽ، پاڻيءَ تي ڌاڙن، ڌاڙيل راڄ ۽ عورتن مٿان ٿيندڙ ظلمن سميت سنڌياڻي تحريڪ جي اهم مسئلن ٿي جدوجهد ڪري رهي آهي. 17 نومبر تي ڪراچي ۾ زبردست ريلي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو