نوجوان ڦر دوران مزاحمت تي قتل

شهدادڪوٽ: (ن س) شهدادڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ گهر ٻاهران ويٺل نوجوان ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿي ويو.هٿياربندن نوجوان امان الله بروهي کان موبائيل فون ۽ رقم ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.وارثن پاران رات 3 وڳي کان ڪوٽو موٽو چوڪ تي لاش سوڌو لڳايل ڌرڻو جاري رکيو ويو، قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي، ڏوهارين خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ٿي سگهي، قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو