نيب ترميمن جي بحالي بعد 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ رعايت جي گهر

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان سپريم ڪورٽ طرفان نيب ترميم بابت ڪيس جي فيصلي کان پوءِ 190 ملين پاونڊ ڪيس ۾ رعايت گهري ورتي آهي.عمران جي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿي، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ نيب ترميم فيصلي کان پوءِ 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ باني جي وڪيل چيو ته نيب ترميم فيصلي کان پوءِ 190 ملين پائونڊ جو ڪيس بڻجي ئي نٿو. نيب ترميم ۾ ڪابينه جي سمورن فيصلن کي تحفظ حاصل آهي. عمران خان جي وڪيل چيو ته سوال اهو آهي ته نيب ترميم کان پوءِ احتساب عدالت جو انهي ڪيس ۾ اختيار جو دائرو بڻجي ٿو يا نه. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جيڪڏهن عدالت جو انهي ڪيس ۾ اختيار جو دائرو آهي ته پوءِ بريت جي درخواست ٻڌي سگهجي ٿي. جنهن تي پي ٽي آءِ باني جي وڪيل چيو ته اسان عدالت جي اختيار کي چيلينج ئي نه ڪيو آهي عدالت جي اختيار جو فيصلو ڪرڻ جو به عدالت کي اختيار حاصل آهي. جنهن کان پوءِ احتساب عدالت پي ٽي آءِ باني جي بريت واري درخواست تي ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو