نيب ڪيس، ضمانت لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ڪراچي (شهزادو مستوئي) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه ضمانت تي آزادي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. هڪ ارب 22 ڪروڙ رپين جي اثاثن جي الزام هيٺ گرفتار خورشيد شاهه پاران اهڙي درخواست سندس وڪيلن ميان رضا رباني، سالم سليم انصاري، مڪيش ڪمار ڪارڙا ۽ ٻين پاران داخل ڪرائي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نيب قانون جي خلاف ورزي ڪندي سياسي انتقام لاءِ سيد خورشيد شاهه خلاف 18 سال اڳ 2001ع ۾  شروع ڪيل انڪوائري ۾ گرفتار ڪيو آهي جيڪا انڪوائري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي منظوري سان نيب 2014ع ۾ بند ڪري چڪي آهي. تازو نيب خورشيد احمد شاهه جي ايف بي آر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن وٽ ظاهر ٿيل ملڪيتن جي قيمتن کي وڌيڪ ڏيکاري سيد خورشيد احمد شاهه ۽ سندس گهر وارن سميت 18 ڄڻن خلاف سکر جي احتساب عدالت ۾ عبوري ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ سندس ملڪيتن جي ماليت 77 ڪروڙ رپيا ڄاڻائيندي چيو آهي ته 2005ع کان هن وقت تائين سيد خورشيد شاهه ۽ بئنڪ اڪائونٽ ۾ 45 ڪروڙ رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي جيڪا سندس ظاهر ڪيل آمدني مان ممڪن ناهي. داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس ۾ غلط بياني ڪندي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. نيب جن ملڪيتن جي ماليت 77 ڪروڙ رپيا ڄاڻائيندي ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي اهي سموريون ملڪيتون ايف بي آر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن وٽ ظاهر ٿيل آهي ۽ 45 ڪروڙ رپين جي بئنڪ ٽرانزيڪشن پڻ ايف بي آر ۽ ٻين ادارن ۾ ظاهر ٿيل آهي ۽ اهي ملڪيتون ان وقت به هيون جڏهن نيب سيد خورشيد شاهه خلاف انڪوائري بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيب سيد خورشيد احمد شاهه جي ملڪيتن بابت 18 سالن کان انڪوائري ڪرڻ باوجود اڃا تائين عبوري ريفرنس داخل ڪري سگهي آهي جنهن ۾ به نيب بدنيتي تحت ملڪيتن جي ماليت وڌيڪ ڄاڻائي آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سيد خورشيد شاهه خلاف انڪوائري مڪمل ڪري عبوري ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي جنهنڪري سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي. ياد رهي ته ان کان اڳ سکر جي احتساب عدالت نيب پاران وقت سر ريفرنس داخل نه ڪرڻ تي سيد خورشيد احمد شاهه جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان کان ٻئي ڏينهن تي نيب احتساب عدالت جي اهڙي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سيد خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ڪرڻ بابت احتساب عدالت جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو هو جنهنڪري خورشيد شاهه آزاد نه ٿي سگهيو. ياد رهي ته نيب خورشيد احمد شاهه ۽ سندس گهر جي ٻين ڀاتين سميت 18  ڄڻن خلاف  سکر جي احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪرايو آهي جنهن ۾ ڄاڻايل ويو آهي ته خورشيد احمد شاهه ۽ ٻين جوابدارن 77 ڪروڙ رپين جي ملڪيتن سميت هڪ ارب 22 ڪروڙ رپين جا اثاثه ٺاهيا آهن. 2005ع کان 2014ع تائين سيد خورشيد شاهه جي اڪائونٽس ۾ 45 ڪروڙ رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي جيڪا سيد خورشيد شاهه جي ظاهر ڪيل آمدني کان وڌيڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو