نيشنل پريس ڪلب جي چونڊ، جرنلسٽ پينل سوڀارو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل پريس ڪلب جي چونڊن ۾ گذريل سال جيان هن سال به جرنلسٽ پينل کي واضح برتري حاصل ٿي وئي آهي. اعلان ڪيل نتيجن مطابق، اظھر جتوئي 1090 ووٽ کڻي صدر چونڊجي ويو، سندس مقابلي ۾ شڪيل قرار کي 654 ووٽ مليا. جنرل سيڪريٽري لاءِ نئير علي 1063 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ سندس مقابلي ۾ فرقان رائو 716 ووٽ کنيا. فنانس سيڪريٽري جي چونڊ ۾ وقار عباسي 1065 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ۽ سندس مقابلي ۾هرميت سنگهه 695 ووٽ کنيا. چونڊن دوران ووٽن جي ڳڻپ جو عمل بلڪل شفاف رکيو ويو، جنهن کي مڪمل طور رڪارڊ پڻ ڪيو ويو ۽ مانيٽرنگ لاءِ وڏي اسڪرين به لڳائي وئي. چونڊن جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اپوزيشن به ڳڻپ جي عمل جو غور سان مشاهدو ڪيو ۽ آخر ۾ کليل دل سان نتيجن کي مڃيندي ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏني. نتيجن موجب ڪل 2033 ووٽ ڪاسٽ ٿيا جن مان 2003 ووٽ درست قرار ڏنا ويا، 30 ووٽ رد ٿي ويا. چونڊن ۾ 70 سيڪڙو ٽرن آئوٽ رڪارڊ ٿيو، جيڪو صحافتي برادري جي دلچسپي جو عڪاس آهي. ٻين عهدن لاءِ ووٽن جي ڳڻپ اڄ مڪمل ڪئي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ، وفاقي سيڪريٽري اطلاعات عنبرين جان ۽ پي آءِ او مبشر حسن نون چونڊيل عهديادرن کي مبارڪباد ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو