دلچسپ مقابلو، آسٽريليا نيوزيلينڊ کي 5 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڌرم شالا (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ڪپ 2023ع جي 27هين ميچ ۾ آسٽريليا نيوزيلينڊ کي انتهائي سنسني خیز مقابلي کانپوءِ 5 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.نيوزيلينڊ ٽاس کٽي آسٽريليا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جنهن 388 رنسون ٺاهيون ۽ 389 رنسن جو هدف ڏنو. ڌرم شالا ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن 758 رنسون ٺاهيون، جيڪو آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪندڙ ميچ بڻجي ويو. ان کان اڳ 2007 ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ مجموعي طور تي 696 رنسون ٺاهيون ويون هيون. آسٽريليا طرفان ڏنل 389 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ نيوزيلينڊ طرفان رچن رويندرا 89 بالن تي 116 رنسون ٺاهي نمايان بيٽسمين رهيا، جڏهن ته ڊيرل مچل ۽ جمي نيشام 54 ۽ 56 رنسون ٺاهي ٽيم جي فتح جي ڪوششن جو حصو رهيا. آسٽريليا طرفان ايڊم زمپا 3، پيٽ ڪمنز ۽ جوش هيزل ووڊ 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته گلين ميڪسويل هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ آسٽريلوي اوپنرز ڊيوڊ وارنر ۽ ٽريوس هيڊ 175 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، وارنر 81 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، سندس اننگز ۾ 6 ڇڪا ۽ 5 چوڪا شامل هئا. ان کانپوءِ ٽريوس هيڊ 200 جي مجموعي اسڪور تي 109 رنسن جي اننگز کيڏڻ بعد ميدان ڇڏي ويو، هن بيٽنگ دوران 7 ڇڪا ۽ 10 چوڪا لڳايا. آسٽريليا طرفان گذريل ميچ ۾ تيز ترين سينچري ٺاهيندڙ گلين ميڪسويل 41، جو شا انگلز 38، پيٽ ڪمنز 37 رنسون ٺاهي نمايان بيٽسمين رهيا. نيوزيلينڊ طرفان گلين فلپس ۽ ٽرينٽ بولٽ 3، 3، مچل سينٽنر 2 ۽ جمي نيشام هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو