پاڪستان جي بيٽنگ ناڪام، نيوزيلينڊ 78 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي 78 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان کان اڳ نيوزيلينڊ پاران ڏنل 331 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو. فخر سان گڏ 10 سالن بعد ون ڊي ۾ اننگ اوپن ڪندڙ بابر اعظم هڪ چوڪو هڻي 23 بالن تي 10 رنز ٺاهي بريسويل جي بال تي گلين فلپ هٿان ڪيچ ٿي ويو. فخر سٺو ڪم بيڪ ڪندي ففٽي مڪمل ڪئي ۽ 4 ڇڪا ۽ 7 7 چوڪن جي مدد سان 69 بالن تي گلين فلپ جي بال تي 84 رنسون ٺاهي ايل بي ڊبليو ٿيو.  103 جي مجموعي اسڪور تي 19 هين اوور ۾ ڪامران غلام 18 رنز ٺاهي ڪپتان سينتنر جي بال تي ينگ ول هٿان ڪيچ ٿيو.جنهن بعد ڪپتان محمد رضوان بيٽنگ لاءِ آيو جيڪو به 11 بالن تي 3 رنز ٺاهي مچل سينتنر جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو. طيب طاهر 30، شاهين آفريدي 10، خوش دل 15، سلمان آغا 40 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا، نسيم شاهه 13 رنز ٺاهي ميچ جو آخري شڪار بنيو، ابرار 4 چوڪن جي مدد سان 15 بالن تي 23 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، حارث رئوف زخمي ٿيڻ سبب بيٽنگ نه ڪئي.  ٽن ملڪن جي سيريز جو پهريون ميچ قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو پيو وڃي. نيوزيلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 330 رنز ٺاهي ورتيون. گلين فلپ ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪندي 7 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 74 بالن تي 106 رنز ٺاهي ناٽ ائوٽ رهيو، ڪپتان مچل سينتنر 8 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. شاهين آفريدي جي آخري اوورن ۾ خوب ڌلائي ٿي هن 10 اوورن ۾ 88 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون. نسيم شاهه 10 اوورن ۾ 70 رنز ڏنيون ۽ کيس ڪا به وڪيٽ نه ملي. هارث رئوف 6.2 اوورن ۾ 23 رنز عيوض هڪ وڪيٽ ورتي، خوشدل خوشدل 9 اوورن ۾ 66 ۽ سلمن آغا 4.4 اوورن ۾ 31 رنز ڏنيون پر ٻنهي کي وڪيٽ نه ملي. ابرار احمد 10 اوورن ۾ 41 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون. ان کان اڳ ٽاس بعد پاڪستاني ڪپتان محمد رضوان چيو ته جيڪڏهن هو ٽاس کٽين ها ته اهي به بيٽنگ اڳ ۾ ڪن ها. ول ينگ ۽ ريچن رويندرا اننگ شروع ڪئي ته پهرين اوور ۾ شاهين آفريدي جا 2 بال مس ڪري ٽئين بال تي چوڪو هڻندڙ ول ينگ چوٿين بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد ڪين وليمسن آيو جنهن انتهائي محتاط انداز ۾ بيٽنگ شروع ڪئي پر رويندرا ٻئي پاسي اسڪور اڳتي وڌائيندو رهيو. رضوان پاور پلي ۾ ٻن اوورن بعد نسيم شاهه کي هٽائي اسپنر ابرار کي بولنگ ڏني جنهن ٽيم جي اٺين ۽ پنهنجي ٻئي اوور ۾ رويندرا کي پنهنجي بال تي ڪيچ ڪري آئوٽ ڪيو. ان کان اڳ رويندرا هن کي چوڪو هنيو هو. 39 جي مجموعي اسڪور تي مهمان ٽيم جي ٻئي وڪيٽ ڪري ۽ رويندرا 19 بالن تي 5 چوڪا هڻي 25 رنز ٺاهي سگهيو. 134 جي اسڪور تي ڪين وليم سن کي شاهين آفريدي ٻئي اسپيل ۾ رضوان هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 7 چوڪن جي مدد سان 89 بالن تي 58 رنز اسڪور ڪيون. جنهن بعد ٽام ليٿم کي حارس رئوف ڪامران غلام هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 3 بال کيڏيا ڪا به رن نه ڍاهي سگهيو. ڊيرل مچل ٻن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 63 بالن تي 54 رنز اسڪور ڪي ففٽي مڪمل ڪئي. 32 اوورن ۾ 161 رنسن تي 4 آئوٽ هئا. 200 جي مجموعي اسڪور تي پنجين وڪيٽ ڪري جڏهن ڊيرل مچل 83 بال تي 81 رنز ٺاهي ابرار جي بال تي خوشدل هٿان ڪيچ ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو