لاهور(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 17 رڪني پاڪستاني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي. پنجن ميچن تي ٻڌل سيريز 18 کان 27 اپريل تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي، جنهن لاءِ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 14 اپريل تي پاڪستان پهچندي. بابر اعظم جي قيادت ۾ اعلانيل ٽيم ۾ 2 نوان رانديگر عثمان خان ۽ عرفان خان نيازي شامل ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه عماد وسيم ۽ محمد عامر جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپسي ٿي آهي، عماد وسيم 66 ٽي 20 انٽرنيشنل ميچن ۾ 486 رنسون ٺاهي 65 وڪيٽون ورتيون.جڏهن ته محمد عامر پاڪستان لاءِ آخري ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل 2020 ۾ اولڊ ٽريفورڊ ۾ انگلينڊ خلاف کيڏي هئي، محمد عامر 50 ٽي 20 انٽرنيشنل ميچن ۾ 59 وڪيٽون ورتيون آهن. اعلانيل ٽيم ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، سعيد ايوب، محمد رضوان، عثمان خان، افتخار احمد، اعظم خان، عرفان خان نيازي، شاداب خان، عماد وسيم، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه، زمان خان، محمد عامر، عباس آفريدي، اساما مير، فخر زمان ۽ ابرار احمد شامل آهن. حارث، نواز ۽ اسامه مير کي ڊراپ ڪيو ويو آهي. ٽيم جي ريزرو رانديگرن ۾ حسيب الله، محمد علي، صاحبزاده فرحان، آغا سلمان ۽ وسيم جونيئر شامل آهن. بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف جو چوڻ آهي ته عثمان ۽ عرفان پنهنجي سٺي ڪارڪردگيءَ سان ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي آهي، کيس يقين آهي ته اهي ٻئي رانديگر ڪپتان ۽ سليڪٽرز جي اعتماد تي پورو لهندا. واضح رهي ته اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر اظهر محمود کي نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ
ڏکڻ آفريڪا ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، پاڪستاني ٽيم جوهانسبرگ ۾ موجود
فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ جاري
جسٽن بيلڊوني تي جنسي هراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل
سنڌيار ڪراچي 22 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 22 ڊسمبر 2024ع
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل
آئيني بئنچ جي مدي ۾ 6 مهينا واڌ، جڊيشل ڪميشن رولز جي به منظوري
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل