نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو اعلان ٿي ويو

آڪلينڊ(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. شاداب خان جي ڪپتاني ۾ محمد رضوان، شفيق عبدالله، محمد حفيظ، حيدر علي، افتخار احمد، عماد وسيم، فهيم اشرف، وهاب رياض، حارث رئوف ۽شاهين آفريدي شامل آهن. هي رانديگر ممڪنه طور 11 رڪني اسڪواڊ جو حصو بڻبا. ايدن پارڪ آڪلينڊ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ جمعي تي کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو