نيوزيلينڊ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 286رنسون ٺاهي آئوٽ

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ جي خلاف کيڏيل ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ قومي ٽيم 297 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي جنهن جي جواب ۾ نيوزيلينڊ ٻئي ڏينهن جي ختم ٿيڻ تائين  3 وڪيٽن تي 286 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.ڪرائسٽ چرچ جي بينگلي اوول ۾ کيڏيل ميچ ۾ پهرين ڏينهن قومي ٽيم 297 رنسن تي پويلين موٽي وئي هئي ۽ ٻئين ڏينهن جي ختم ٿيڻ تي نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن 112 ۽ بينري نڪولس 89 رنسن سان وڪيٽ تي موجود آهي.  نيوزيلينڊ طرفان ٽام ليتهم 33، ٽام بلنڊل 16 ۽ راس ٽيلر 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا پر ڪپتان ڪين وليمسن هڪ دفعو ٻيهر هڪ بيٽنگ ڪلاس  ڏيکاريندي لاڳيتو ٻئي ۽ ٽيسٽ ڪيريئر جي 24هين سينچري اسڪور ڪئي. ان دوران بينري نڪولس ان جو ڀرپور ساٿ ڏيندي اڌ سينچري اسڪور ڪئي. ان کان اڳ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي  پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. قومي ٽيم جو ٽاپ ارڊر هڪ دفعو ٻيهر ناڪام ٿيو. شان مسعود بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيو. عابد علي 25، حارث سهيل 1 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا.پوئين ميچ جي سينچري هڻندڙ فواد عالم به صرف 2 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو هو. واضح رهي ته  نيوزيلينڊ کي 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ پهريان ئي هڪ ٻُڙي جي ناقابل شڪست برتري حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو