نيوزيلينڊ 4 رنز تان ميچ کٽي سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ 4 رنسن تان ميچ کٽي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن ميچز جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي، فخر جي ففٽي ڪم نه آئي. پاڪستاني اوپنرز ٻوٽو نه ٻاريو بابراعظم 5 ۽ صائم ايوب 20 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا ۽ عثمان خان 16 ، شاداب خان 7 رنز ۽ افتخار 23 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. فخرالزمان ففٽي مڪمل ڪري 45 بالن تي 61 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. 19 هين اوور تائين پاڪستان 156 تي 7 آئوٽ هئا. جنهن بعد عماد وسيم ۽ اسامه مير اسڪور اڳتي وڌايو، آخري اوور ۾ 18 رنز گهربل هيون، پهرين بال تي اسامه چوڪو هنيو پر ٻئي بال تي نيشم کيس بولڊ ڪيو. آخري ٻن بالن تي 11 رنز گهربل هيون هڪ بال وائيڊ ٿيو پنجين بال تي عماد چوڪو هنيو، آخري بال تي 6 رنز گهربل هيون. پرهو هڪ رن ٺاهي سگهيو ۽ نيوزيلينڊ 4 رنز تان ميچ کٽي ورتي. نيوزيلينڊ پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 179 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. مهمان ٽيم جي اوپنر بلنڊيل 56 جي مجموعي اسڪور تي 28 رنسون ٺاهي زمان جي بال تي اسامه هٿان ڪيچ ٿيو. 94 جي اسڪور تي ٻيو اوپنر ٽم رابنسن ففٽي مڪمل ڪري 51 رنسون ٺاهي عباس آفريدي جي بال تي افتخار هٿان ڪيچ ٿيو. عماد وسيم 4 اوورن ۾ 32 رنس ڏنيون پر کيس وڪيٽ نه ملي. 128 جي اسڪور تي مارڪ چيپ مين 8 رنسون ٺاهي افتخار جي بال تي شاداب هٿان ڪيچ ٿيو. ٽي چوڪا هڻي 26 بالن تي 34 رنسون ٺاهي ڊين فاڪس ڪرافٽ اسامه جي بال تي فخرالزمان هٿان ڪيچ ٿيو. 169 جي اسڪور تي 19 هين اوور ۾ ڪپتان بريس ويل عباس جي بال تي افتخار هٿان 27 رنسون ٺاهي ڪيچ ٿيو. عباس ٻئي بال تي جوش ڪلاڪسن کي بولڊ ڪيو. آخري اوور محمد عامر ڪرايو ۽ سوڍي کي افتخار هٿان ڪيچ ڪرائي وڪيٽ ورتي، هن 4 اوورن ۾ 32 رنسون ڏنيون. نيوزيلينڊ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهي سگهي. ان کان اڳ پاڪستان نيوزيلينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ بابت بابر اعظم جو چوڻ هو ته بالنگ جو فيصلو ماڪ واري فيڪٽر سبب ڪيو، ٽيم ۾ 4 تبديليون ڪيون ويون آهن، محمد رضوان ۽ عرفان خان انفٽ آهن. محمد عامر، عماد وسيم، فخر زمان ۽ زمان خان کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه کي آرام ڏنو ويو آهي. نيوزيلينڊ جي ڪپتان چيو ته ٽيم ۾ ٽي تبديليون ڪيون ويون آهن. ياد رهي ته پنج ميچز جي سيريز مان ٽي ميچ راولپنڊي ۾ ٿيون جن مان پهرين ميچ برسات سبب رد ٿي وئي هئي ۽ ٻنهي تيمن هڪ هڪ ميچ کٽي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو