نيوزيلينڊ 50 رنز تان ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي

لاهور(ويب ڊيسڪ) 363نيوزيلينڊ 50 رنز تان ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي آهي.9 مارچ تي دبئي ۾ ڀارت سان نيوزيلينڊ جو مقابلو ٿيندو. رنز جو ٽارگيٽ چيز ڪندي ريان رڪلٽن 17 رنز ٺاهي ميٽ هينري جي بال تي بريسويل هٿان ڪيچ ٿيو، ڪپتان ٽيمبا ففٽي مڪمل ڪري وين در دسن سان 100 رنز جي پارٽنرشپ مڪمل ڪري 71 بالن تي 56 رنز ٺاهي سينتنر جي بال تي وليمسن هٿان ڪيچ ٿيو، جنهن بعد ريسي وين در دسن 66 بقالن تي 69 رنسون ٺاهي سينتنر جي بال تي بولڊ ٿيو، وڪٽ ڪيپرهينرچ ڪلاسن 3 رنسون ٺاهي سينتنر جي بال تي ميٽ هينري هٿان ڪيچ ٿيو. ايڊن مرڪرم 31 رنسون ٺاهي رويندرا جي بال تي بالر هٿان ڪيچ ٿيو ته ڏکڻ آفريڪا جي اميدن تي پاڻي ڦرڻ لڳو ڇو ته گهربل رن ريٽ 11 کان مٿي ٿي ويو. بريسويل جي آخري اوور جي آخري بال تي ملڊر شاٽ کيڏي ۽ بائونڊري تي رويندرا هٿان 8 رنسن تي ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد مارڪو جانسن 3 رنز ٺاهي گلين فلپس جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو، امپائر نه ڏنو پر رويو ۾ آئوٽ ٿي ويو. ڪيشو مهراج به هڪ رن ٺاهي فلپس جو ٻيو شڪار بڻيو، ربادا 16 رنسون ٺاهي ميٽ هينري جي بال تي گلين فلپس هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ڊيوڊ ملر ففٽي مڪمل ڪئي پر تيسين ميچ هنن جي هٿن مان نڪري وئي هئي. آخري اوورن ۾ ڊيوڊ ملر سنگل رن وٺڻ ڇڏي ڏني ۽ وڏيون شاٽ هڻڻ شروع ڪيون ۽ پنهنجي ٽيم جو اسڪور 300 کان ٽپائي ويو ۽ پنهنجي به سينچري 67 بالن تي مڪمل ڪئي. ڏکڻ آفريڪا 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 312 ينصون ٺاهي سگهي. چيمپئنز ٽرافي جو ٻيو سيمي فائنل قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو پيو وڃي. نيوزيلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 50 اوورن 6 وڪيٽن جي نقصان تي 362 رنسون ٺاهيون. ول ينگ ۽ ريچن رويندرا اننگ شروع ڪئي، 48 جي مجموعي اسڪور تي ول ينگ 21 رنسون ٺاهي لونگي گدي جي بال تي مرڪرم هٿان ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد رويندرا ۽ ڪين وليمسن ٻئي وڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾ 164 رنسون ٺهيون، ٻنهي سينچريون اسڪور ڪيون. 212 جي اسڪور تي ريچن رويندرا 108 رنسون ٺاهي ڪگيسو ربادا جي بال تي ڪلاسن هٿان ڪيچ ٿيو۽ ڪين وليمسن به 102 رنسون ٺاهي ملڊر جي بال تي لونگي گدي هٿان ڪيچ ٿي ويو. ان بعد ٽا، ليٿم کي ربادا بولڊ ڪيو، بريسويل 16 رنز ٺاهي گدي جي بال تي رڪلٽن هٿان ڪيچ ٿيو. گلين فلپس 27 بالن تي 49 رنز ٺاهي ناٽ ئوٽ رهيو ۽ ڪپتان سينتنر به 2 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڏکڻ آفريڪا جي بالر مارڪو جانسن پهريون اوور ڪرايو. ڪپتان مچل سينتنر جو چوڻ آهي ته سندن ٽيم ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي، ساڳئي ٽيم جيڪا ڀارت سان کيڏي هئي، اها ئي آهي. ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ٽيمبا بئوما چيو ته جيڪڏهن اسان ٽاس کٽيون ها ته اڳ ۾ بيٽنگ ڪريون ها ۽ اسڪور بورڊ تي وڏو ٽوٽل ڪري مخالفن تي پريشر وڌايون ها. لاهور جو موسم خوشگوار آهي، بارش جو ڪو به امڪان ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو