نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ۽ پاڪستاني شاهين وچ ۾ چئن ڏينهن واري ڪرڪيٽ سيريز ملتوي ڪئي وئي آهي. نيوزيلينڊ ۽ پاڪستاني شاهين وچ ۾ چئن ڏينهن واري سيريز ملتوي ڪئي وئي آهي.چئن ڏينهن تي ٻڌل ميچ سيريز پي سي بي جي درخواست تي ملتوي ڪئي وئي آهي. مينجڊ  آئسوليشن ۾  هجڻ سبب رانديگرن جي پريڪٽس ۾ دير ٿي جنهن سبب پي سي بي ميچ جي تاريخن ۾ تبديلي يا  ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.قومي اسڪواڊ هاڻ ڪوئنز ٽائون ۾ انٽرا اسڪواڊ پريڪٽس ميچ کيڏندو. پاڪستاني شاهين سميت قومي اسڪواڊ ۾ شامل سمورا رانديگر 8 ڊسمبر تي ڪوئنز ٽائون روانه ٿيندا. ڪوئنز ٽائون روانگي جي لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل هر رانديگر کي انفرادي طور تي نيوزيلينڊ جي صحت واري وزارت جي منظوري گهربل هوندي.  سمورا رانديگر هن وقت ڪرائسٽ چرچ ۾ پنهنجو  آئسوليشن جو مدو مڪمل ڪري رهيا آهن. اسڪواڊ ۾ شامل 8 رانديگرن جي ڪورونا 19 ٽيسٽ جي رپورٽ هاڪاري آئي. ان 8 مان 2 رانديگرن کي هسٽاڪ يعني نان  انفيڪٽيسز ڪيس قرار ڏنو ويو. ڪوئنز ٽائون پهچڻ تي قومي رانديگرن جي ٽيم ۽ پاڪساني شاهين جو اسڪواڊ ڌار ڌار هوٽل ۾  رهائش اختيار ڪندو.پاڪستاني شاهين جو اسڪواڊ 14 ڊسمبر تي ڪوئنز ٽائون کان وانگراءِ روانو ٿي ويندو. قومي اسڪواڊ 15 ڊسمبر تي ڪوئنز ٽائون کان آڪلينڊ روانو ٿيندو. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ پهريون ٽي ٽوئنٽي ميچ 18 ڊسمبر تي آڪلينڊ ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستاني شاهين ۽ نيوزيلينڊ اي وچ ۾ واحد چئن ڏينهن وارو ميچ 17 ڊسمبر کان شروع ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو