نيوزي لينڊ جي دوري بابت رانديگرن کان فيڊ بيڪ طلب

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيوزي لينڊ جو دورو جاري رکڻ بابت قومي ٽيم جي ڪپتان ۽ ڪوچ سميت مينيجمينٽ کان فيڊ بيڪ گهري ورتو.ذريعن موجب ڪپتان بابراعظم ۽ هيڊ ڪوچ مصباح الحق رانديگرن کان فيد بيڪ وٺي بورڊ کي ٻڌائيندا ۽ پوءِ پي سي بي جو چيئرمين احسان ماني فيڊ بيڪ جي روشني ۾ ٻين عهديدارن سان صلاح ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوچ ۽ ڪپتان راديگرن سان ڳالهائيندي هنن جي ذهني ڪيفيت موجب فيد بيڪ ڏيندا ۽ پوءِ فيڊ بيڪ ڏيندو ۽ پوءِ فيڊ بيڪ ۽ صلاح جي روشنيءَ ۾ نيوزي لينڊ جي دوري بابت مستقبل جو فيصلو ڪيو ويندو.ذريعن موجب رانديگرن بهتر محسوس ڪيو ته دوري جي اڳتي وڌڻ جا امڪان پيدا ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو