نيٽ ميٽرنگ ڀڃڪڙي، ڪي اليڪٽرڪ کي شوڪاز ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ کي نيٽ ميٽرنگ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.نيپرا جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ پاران نيٽ ميٽرنگ ڪنيڪشن نه ڏيڻ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ڪي اليڪٽرڪ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.نيپرا ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڪي اليڪٽرڪ کان وضاحت طلب ڪئي هئي، ڪي اليڪٽرڪ به نيپرا جي حڪمن تي ٻه جواب جمع ڪرايا، جنهن تي ڪي اليڪٽرڪ جو جواب غير تسلي بخش قرار ڏيندي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو