نيپرا پاران سموري ملڪ ۾ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ملڪ جي صارفين لاءِ ماهوار فيول چارج ايڊجسٽمينٽ (ايف سي اي) جي تحت بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب، نيشنل ايوريج فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ (ايف سي اي) ۾ 2.1240 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي،ان سان ايندھن جي اصل قيمت 10.8860 رپيا في ڪلوواٽ ڪلاڪ ٿي وئي آهي، جيڪا اڳ ۾ 13.0100 رپيا في ڪلوواٽ ڪلاڪ هئي. نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ 3 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين حصن جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ 2.12 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن به ماهوار ايڊجسٽمينٽ ۾ جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن تحت صارفين کي مارچ جي بلن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رليف ملندو. نوٽيفڪيشن موجب، ڪي-اليڪٽرڪ لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ ڊسمبر 2024 جي ماهوار ترتيب ۾ گهٽتائي ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ملڪ جي باقي علائقن لاءِ، جنوري 2025 جي ترتيب ۾ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو