نچڻ وارا گهوڙا ڪڏهن به ميدان ۾ ناهن ڊوڙندا

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي هڪ دفعو ٻيهر ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته نچڻ وارا گهوڙا ڪڏهن به ميدان ۾ ناهن ڊوڙندا، گورنر هائوس جا 2 پڃرا خالي آهن. ڪراچي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سالگره تقريب کي خطاب ڪندي ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان 2008 کان 2013 تائين دهشتگردي سان جنگ وڙهي ۽ صوبي کي پرامن بنايو، اڄ خيبرپختونخواهه جو ڏکڻ وارو علائقو نوگوايريا بڻيل آهي. حڪومت جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي، 600 ارب روپيه خيبرپختونخواهه ۾ آيا آهن، ڪٿي خرچ ٿيا؟ اڄ پوليس بي يارو مددگار حالت ۾ جنگ وڙهي رهي آهي.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صدر ۽ وزيراعظم کي صوبي جي صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي، اڄ به مرض ايترو وڏ نه آهي جو علاج نه ٿي سگهي، ڪجهه ڏينهن وڌيڪ گذري ويا ته ٿي سگهي ٿو ته اهو مرض لاعلاج ٿي وڃي. امن امان قائم ڪرڻ وڏي وزير جو ڪم آهي، ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال تي اسيمبلي جو اجلاس به نه گهرايو ويندو آهي. ڪي پي ڪي جو امن امان هن حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي.افغان سفارتڪار طرفان قومي تراني جي احترام ۾ نه بيهڻ واري معاملي تي ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته جيڪو پاڪستان جي تراني جي عزت نٿو ڪري مان انهي جي عزت ناهيان ڪندو، وڏو وزير انهي قونصل جنرل جو ائين دفاع ڪري رهيو آهي جيئن هو اتان جو وڏو وزير هجي، پشتونن جي اها روايت ناهي ته اهڙيون تقريرون ڪن. محمود اچڪزئي کي چوان ٿو ته اوهان جي ڏوهاراڻي خاموشي سواليه نشان آهي.ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته گورنر راڄ آئين ۾ هڪ آپشن آهي هي ماڻهو سياسي شهيد بنجڻ چاهين ٿا پر مان نٿو چاهيان ته سياسي يتيم سياسي شهيد بڻجن. فيصل ڪريم ڪنڊي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو نالو کڻڻ کان سواءِ انهي تي تنقيد ڪندي چيو ته نچڻ وارا گهوڙا ميدان ۾ ناهن ڊوڙندا، منهنجي گورنر هائوس ۾ 2 پڃرا خالي پيل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو