هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ ڪراچي کي اسلام آباد جي شڪست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز پاران 197 رنز جو ڏنل ٽارگٽ اسلام آباد يونائٽڊ 19.1 اوورز ۾ حاصل ڪري 5 وڪيٽن تان کين شڪست ڏئي ڇڏي.. شرجيل خان ۽ بابر اعظم جي رڪارڊ پارٽنر شپ جنهن ۾ شرجيل خان جي سينچري به شامل هئي ضايع ٿي وئي.

هنن 115 بالن تي 176 رنز اسڪور ڪيون هيون. اسلام آباد وارن تاس کٽي فيلڊنگ ڪئي ۽ ڪراچي وارن 3 وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنز ٺاهيون. شرجيل خان 8 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 55 بالن تي 105 رنذ ٺاهيون. اها پي ايس ايل 6 جي پهرين سينچري هئي. اسلام آباد کي ابتدا ۾ نقصان ٿيو ٻه رانديگر جلدي آئوٽ ٿيڻ بعد ايلڪس هيلز راند جو پاسو پلٽي ڇڏيو 46 رنز ٺاهيائين، افتخار 49 ۽ حسين طلعت 42 رنز ٺاهيون.

هن مهل تائين چئني ٽيمن جا ٻه ٻه ميچ ٿي چڪا آهن، پوائنٽ ٽيبل تي ترتيبوار لاهور، اسلام آباد، ڪراچي، پشاور، ملتان ۽ ڪوئٽه آهن. لاهور ۽ اسلام آباد ٻه ٻه ميچ کيڏيا ۽ ٻئي کٽيا، ڪراچي ۽ پشاور هڪ هڪ هارائي ۽ هڪ هڪ ميچ کٽي، ملتان ۽ ڪوئٽه ٻنهي ٻئي ميچ هارايا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو