اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اسلام آباد ۽ لاهور هاءِ ڪورٽن ۾ التوا ۾ پيل سپر ٽيڪس سان لاڳاپيل اپيلن کي سپريم ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بينچ سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس جي نفاذ سان لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي.ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۽ لاهور هاءِ ڪورٽس ۾ التوا هيٺ سپر ٽيڪس سان لاڳاپيل اپيلن کي سپريم ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
