اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جسٽس جمال خان مندوخيل ڪميٽي جا تجويز ڪيل رولز سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏيا.سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب ججن جي تجويز ڪيل مقررين لاءِ رولز عوامي تبصرن ۽ راءِ لاءِ جاري ڪيا ويا آهن ۽ تجويز ڪيل رولز تي سڀ تبصرا ۽ تاثر 20 ڊسمبر تائين جمع ڪرائي سگھجن ٿا.ترجمان چيو ته تجويز ڪيل رولز جي 21 ڊسمبر تي منظوري لاءِ جڊيشل ڪميشن غور ڪندي.هاءِ ڪورٽس ۽ وفاقي شرعي عدالت ۾ ججن جي مقرري جي تجويز ڪيل قاعدن جا تفصيلات به سامهون آيا آهن.تجويز ڪيل قاعدن موجب جج طور مقرري لاءِ ميرٽ جو تعين آئين تحت جج جي حلف ۾ داخل معيار موجب ڪيو ويندو، بنا خوف ۽ رعايت، محبت يا بغض کانسواءِ سڀني طبقن سان انصاف ڪرڻ جي صلاحيت ضروري هوندي.تجويز ڪيل قاعدن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن نامزد شخص جي ميرٽ جو جائزو وٺندي پيشيوراڻي قابليت ۽ تجربي کي نظر ۾ رکيو ويندو، قانوني صلاحيت، ڪارڪردگي، ايمانداري ۽ خود مختياري کي پڻ نظر ۾ رکيو ويندو.تجويز ڪيل قاعدن موجب پنهنجي نامزدگي تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ رابطو ڪندڙ جج طور مقرري لاءِ نااهل قرار ڏنو ويندو.تجويز ڪيل قاعدن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن امڪاني يا موجوده خالي جاءِ لاءِ جڊيشل ڪميشن جو ڪو به رڪن نامزدگيون پيش ڪري سگھي ٿو، سپريم ڪورٽ ۾ جج جي مقرري لاءِ نامزدگي لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ جي پنجن سينيئر ترين ججن مان ڪئي ويندي ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ نامزدگي لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ جي ٽن سينيئر ترين ججن مان ڪئي ويندي.
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ، 23 ڊسمبر تي ٻڌائڻ جو اعلان
حڪومتي اتحادين جا هڪ ٻئي مٿان تنقيد جا تير
عمر قيد ڪاٽي آزاد ٿيندڙ جوابدار جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر
حادثن جي روڪٿام لاءِ صبح 6 کان رات 11 وڳي تائين ڊمپرن تي پابندي
ڪمرشل ۽ نجي گاڏين جون نمبر پليٽون تبديل ڪرڻ جا حڪم
انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم
گم ٿيل شهري ڪيس، ڇا پوليس اسٽيشن بند ڪريون،عدالت
ڏهاڪن تائين پاڪستان پناهگيرن جو ميزبان رهيو آهي: وزيراعظم
گوگل سرچ انجڻ ۾ هڪ مفيد فيچر متعارف ٿيڻ جو امڪان
ايم ڪيو ايم کي وفاق سان شڪايت آھي، ڌمڪي سنجيده ناهي
تعليمي اداري جو معيار ان جي ماحول جي عڪاسي ڪندو آهي، شاهه
سي اي او ۽ سي او او جو دورو،84 انچ لائن جو معائنو،عملي جي واکاڻ
سڄي خاندان جو شادي ۽ ڄم ڏينهن جي ساڳي تاريخ جو عالمي رڪارڊ
مورو ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، پيش امام قتل
سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف هڙتال، ڪاروباري مرڪز بند
ايف آءِ اي ڪارروائي، ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث جوابدار گرفتار
فيض گنج ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ
حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ
ڀٽو ريفرنس، ٽرائل ڪورٽ ۽ اپليٽ عدالت تقاضا پورا نه ڪيا، آفريدي
سرڪاري اسڪولن کي آئوٽ سورس ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد