هاءِ ڪورٽ پاران ايس پي ايس سي جي 2018 جي امتحان جو رڪارڊ طلب

ڪراچي (دريا خان شر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران اسسٽنٽ ڪمشنر، سيڪشن آفيسر، اي ٽي او ۽ ٻين عهدن تي 2018ع واري امتحان جي نتيجن ۾ مبينه جعلسازي خلاف داخل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. عدالت سنڌ جي چيف سيڪريٽري، پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي  رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اهڙو حڪم سومر  تي ايوب پنهور جي درخواست جي ابتدائي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. جنهن ۾ درخواست گذار سنڌ سرڪار، پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪميشن پاران مختلف عهدن تي ڀرتين لاءِ اميدوارن کان ورتل امتحانن جي نتيجن ۾ وڏي پئماني تي بي ضابطگيون ڪيون ويون آهن. سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود اميدوارن کي لکت واري امتحان جي مارڪس شيٽ پڻ جاري نه ڪئي وئي آهي. لکت واري امتحان ۾ وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي زباني امتحان ۾ ناپاس ڪري ذاتي پسند ۽ اثر رسوخ رکندڙ مخصوص اميدوارن کي ڪامياب ڄاڻايو ويو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کي گذارش ڪئي وئي آهي ته ڪميشن جي 2018ع وارن امتحانن جي حتمي نتيجن کي روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ ڪميشن کان امتحان جو سمورو رڪارڊ طلب ڪيو وڃي جنهن تي عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڪميشن کي ڄاڻايل امتحانن جو ٻن هفتن اندر رڪارڊ پيش ڪرڻ جوحڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو