هائوس فل، ڪراچي جي 5 وڪيٽن تان اسلام آباد کي شڪست

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان سپر ليگ جي 14 هين ميچ راولپنڊي ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائٽڊ ۾ ٿيو جيڪو ڪراچي ڪنگز 5 وڪيٽن تان اسلام آباد کي شڪست ڏئي کٽي ورتي.عماد وسيم اهم ڪردار ادا ڪيو. هن مهل تائين 11 ميچن مان 3 ڪراچي کٽيون آهن ۽ 8 ميچز ۾ اسلام آباد فاتح رهي آهي.

ڪراچي ڪنگز 184 رنز چيز لاءِ بيٽنگ شروع ڪئي ته شرجيل خان ۽ بابر اعظم اننگ اوپن ڪئي. ڊيل اسٽائن پهريون اوور ڪرايو بابر اعظم شاداب خان جي ٿرو تي بنا ڪو بال کيڏي زيرو تي رن آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد ايلڪس هيلز شرجيل جو ساٿ ڏيڻ آيو. هن 29 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 29 بالن تي 52 رنز ٺاهي اسٽيمپ آئوٽ ٿيو.

ٻنهي پريشر رليز ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا شاٽ کيڏي 3 اوورز ۾ 30 رنز ٺاهيون. شرجيل 19 بالن تي ٻن ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 38 رنز ٺاهي عجيب انداز ۾ آئوٽ ٿيو. امپائر آئوٽ نه ڏنو شاداب رويو ورتو ته ٿرڊ امپائر آئوٽ ڏنو، رومان رئيس جي بال تي ڪيپر رونڪي هڪ هٿ سان ڪيچ ڪيو. جنهن بعد ڪيمرون ڊيلپورٽ آيو. جيڪو شروع ۾ ته آهستي کيڏيو  پر بعد ۾ 3 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 28 بالن تي 38 رنز ٺاهي روڪي هٿان ڊيل اسٽائن جي بال تي ڪيچ ٿيو.

جنهن بعد چيڊ وڪ آيو ۽ هن پهرين بال تي چوڪو هنيو. ايلڪس هيلز جي آئوٽ ٿيڻ بعد افتخار ٻن بالن تي هڪ رن ٺاهي رن آئوٽ ٿيو ته عماد وسيم آيو. جنهن 2 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 15 بالن تي 32 رنز ٺاهي نات آئوٽ رهيو. 18 اوورز ۾ 170 رنز ڪراچي وارن ٺاهيون ۽ 12 بالن تي 14 رنز گهربل هيون. 19هين اوور جي فهيم اشرف جي اوور جي 4 بالن تي ميچ کٽي ورتي. اسلام آباد ٽن وڪيٽن تي مقرر اوورز ۾ 183 رنز ٺاهيون. رونڪي ۽ شاداب خان ففٽيون اسڪور ڪيون.

ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڪالهه بارش سبب پچ ۾ هلڪي نمي آهي ان جو فائدو وٺڻ لاءِ اڳ ۾ بالنگ ڪريون ٿا. ليوڪ رونڪي ۽ ڪولن منرو اننگ شروع ڪئي ته منرو  5 بالن تي هڪ رن ٺاهي محمد عامر جي بال تي جورڊن هٿان ڪيچ ٿي ويو. رونڪي ففٽي هنئين.رضوان حسين هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 22 رنز ٺاهي عمر خان جي بال تي متبادل رانديگر هٿان ڪيچ ٿيو. ڪولن انگرام هڪ ڇڪو ۽ هڪ چوڪ هڻي 12 بالن تي 16 رنز ٺاهي عماد وسيم جي بال تي متبادل هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد رونڪي جو ساٿ ڏيڻ ڪپتان شاداب خان آيو. ڪراچي ڪنگز بالنگ لاءِ عامر کي واپس آندو پرهو ڪجهه نه ڪري سگهيا. شاداب خان ۽ رونڪي سڀني جي ڌلائي ڪئي. عماد وسيم 4 اوورز ۾ 31 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ، محمد عامر اوورز ۾ 40 رنز تي هڪ وڪيٽ ۽ عمر خان 4 اوورز ۾ 24 رنز تي هڪ وڪٽ ورتي. ڪرس جورڊن 4 اوورز ۾ 42 رنز ڏنيون. آخري اوور اميد آصف ڪرايو ۽ هن 4 اوورز ۾ 47 رنز ڏنيون. شاداب خان آخري بال تي ڇڪو هڻي ففٽي مڪمل ڪئي. هن 31 بالن تي 54 ۽ رونڪي 58 بالن تي 87 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو