راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) هارورڊ بزنس اسڪول جي 9 ملڪن سان تعلق رکندڙ 44 شاگردن جي هڪ وفد، اڄ جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. ان ڳالهه ٻولهه واري سيشن ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار، دهشتگردي جي خلاف ان جي غيرمتزلزل ڪوششن ۽ جمهوري قدرن کي برقرار رکڻ جي عزم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير موجوده دور جي سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليم، تنقيدي سوچ ۽ جدت جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي وسيع صلاحيت کي اجاگر ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي حوصلا افزائي ڪئي ته اهي ذاتي تجربن جي بنياد تي پنهنجا راءِ قائم ڪن. آرمي چيف چيو وفد کي ڊجيٽل دور ۾ غلط معلومات ۽ جعلي خبرن جي خطرن جي خلاف پڻ خبردار ڪيو ۽ شاگردن تي زور ڀريو ته هو سمجھداريءَ سان هن منظر کي نيويگيٽ ڪن. هارورڊ جي شاگردن تعميري ۽ روشن خيال رابطي جي سهولت ڏيڻ تي آرمي چيف جو شڪريو ادا ڪيو. ياد رهي ته 20 آگسٽ تي جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ مختلف پاڪستاني يونيورسٽين جي شاگردن سان به آرمي چيف ملاقات ڪري ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. جيڪو عمل سندس قوم جي نوجوانن جي پرورش ۽ حوصلا افزائي لاءِ سندس عزم کي اجاگر ڪري ٿو.
سائين جي ايم سيد، شهيد الله بخش، سورهيه بادشاه ۽ لڳايل الزام
سنڌيار سکر 20 جنوري 2025ع
سنڌيار ڪراچي 20 جنوري 2025ع
غزا ۾ جنگبندي تي عمل شروع، 3 اسرائيلي ۽ 90 فلسطيني قيدي آزاد
افغان سرحد تان دراندازي، 5 خارجي دهشتگرد مارجي ويا
غالب خان ڊومڪي تي حملو، 2 محافظ ۽ هڪ ڌاڙيل مارجي ويا
عمران کي شڪست ڏيڻ جي ڪوششن ۾ نظام ناڪام ٿي ويو
ڪوبه ملڪ ۽ معاشرو انصاف کان سواءِ اڳتي نٿو وڌي سگهي
دنيا پي ٽي آءِ باني جو اصل چهرو ڏسي ورتو، عوام کيس رد ڪري ڇڏيو
خان کي غريب ٻارن لاءِ يونيورسٽي ٺاهڻ تي سزا ٻڌائي وئي
پيپلزپارٽي جو مقصد عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪرڻ آهي
سياسي پارٽين ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان
موجوده اسيمبلين جي ڪا حيثيت ناهي، اهڙيون مان مٽيءَ سان ٺاهي سگهان ٿو
القادر ڪيس سزا خلاف اپيل تيار، اڱاري تي داخل ڪرڻ جو امڪان
پاڪستان هٿان ويسٽ انڊيز کي شڪست، منفرد رڪارڊ قائم
سڀ کان وڌيڪ آمرانه دور جنرل ضياءَ جو هو: جسٽس اطهر من الله
صحافي اغوا جو ڊراپ سين، فياض چاچي سان گڏجي اغوا جو ڊرامو رچايو
پوليس جوانن ۽ 16 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث ڌاڙيل مارجي ويو
مريم نواز جو روڊن جي تعمير ۽ مرمت مڪمل ڪرڻ لاءِ الٽيميٽم
ڪراچي ۾ گرمي پد ۾ ٿوري اضافو ٿيڻ جو امڪان