هانيا شادي بدران في الحال ڪيريئر تي ڌيان ڏئي: ريحام خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هانيا عامر کي شوبز ۾ متعارف ڪرائيندڙ ريحام خان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا کي اهم مشورو ڏئي ڇڏيو. عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان چيو ته هاميا عامر باصلاحيت اداڪارا آهي، مون کي فخر آهي ته کيس شوبز انڊسٽري ۾ آڻڻ واري مان ئي هيس.هن چيو ته منهنجي فلم ”جانان“ ۾ هانيا عامر واحد اداڪارا آهي، جن کي مان سليڪٽ ڪيو هو، ان وقت هانيا جي عمر رڳو 17 سال هئي. هانيا جي شادي بابت خبرن تي ريحام خان چيو ته هن پنهنجي گهر ڀاتين کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي، تنهن ڪري شادي بدران في الحال ڪيريئر تي ڌيان ڏئي ته گهڻو اڳتي ويندي. سندس چوڻ هو مون کي خبر هئي ته اها ڇوڪري شوبر ۾ گهڻي اڳتي ويندي ۽ جيئن مان سوچيندي آهيان، اڪثر ائين ئي ٿيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو