ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي نامور هدايتڪار ۽ اداڪارا ايڪتا ڪپور مليالم فلم انڊسٽري ۾ جنسي هراساني بابت ڳالهائيندي چيو ته اِهو رڳو فلم انڊسٽريءَ ۾ نه پر هر شعبي ۾ عورت لاءِ مسئلو آهي. ايڪتا ڪپور ممبئي ۾ فلم ” دي بڪنگهم مرڊرز “ جي ٽريلز لانچ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي هدايتڪار هنسل مهتا، شريڪ پرڊيوسر شوڀا ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور پڻ موجود هيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪم واري جاءِ تي جنسي هراساني هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيوته عورتن کي هر شعبي ۾ اڳتي اچي اڳواڻي ڪرڻ گهرجي، فورسز ۽ ايجنسيز ۾ عورتن جي شموليت ضرورت آهي. ايڪتا ڪپور ٻن عورت پرڊيوسرز طرفان ڪرائم اسٽوري تي ٻڌل فلم ٺاهڻ واري عمل جي واکاڻ ڪندي ان کي عورتن لاءِ تحفظ ۽ طاقت جي علامت قرار ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ڪمپنين ۽ ٻين ادارن جي مٿانهين سطح تي عورتن جي ضرورت آهي ته جيئن هو قيادت ڪري سگهن ۽ عورتن جي ڪم واري هنڌ کي محفوظ بڻائي سگهن.
سيڪيورٽي ۾ غفلت، ڊي سي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد عهدن تان برطرف
بلاول ڀٽو جي مولانا سان ملاقات، ڪجهه آئيني ترميمن تي اتفاق
ارسا قانون ۾ ترميمن خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو: راشدي
ڪارساز حادثي جي جوابدار عورت جي درخواست ضمانت تي ڌريون طلب
قبرستان جي زمين تان انڪروچمينٽ هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم
يوٽيوب ۾ نئين تبديلي واهپيدارن کي بيزار ڪرڻ لڳي
سمورين گاڏين رجسٽريشن يا ٽرانسفر بائيو ميٽرڪ ذريعي ٿينديون
مودي جو عيد ميلاد النبي صلعم جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام
آئيني ترميم جو مقصد صرف مون کي جيل ۾ رکڻ آهي،عمران خان
آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل
ميروخان مان نوجوان لاپتا،پوليس تحرڪ نه ورتو،وارثن جو احتجاج
ملڪ جي رخ جو تعين چيف جسٽس نه پر پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي
مولانا فضل الرحمان جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريان ٿو
ڪوئيٽا: پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ووٽنگ جو حڪم
ڊيوس ڪپ، پهرين مرحلي ۾ پاڪستان کي شڪست
چوري ٿيل پينٽنگس جي ڪهاڻي ۾ نئون موڙ، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم
غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف برطانيه ۾ وڏو احتجاج،جنگبندي جو مطالبو
جوڙ توڙ ويهڪون ناڪام،آئيني ترميمون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي
تجويز ڪيل آئيني ترميم پيش نه ٿيون، سينيٽ اجلاس ملتوي
ليڪ ٿيل ڊرافٽ موجب ان سان ڪو به اتفاق نٿو ڪري سگهي