سڪرنڊ (رپورٽ راج ڪماراوڏ)سڪرنڊ ۾ همدرد آرگنائيزيشن جي ميزباني هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب سڪرنڊ ڊگري ڪاليج جي گرائونڊ ۾ ٿي گذري. ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ ۾ 6 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن.ٽورنامينٽ ۾ همدرد يونائيٽيڊ ،سعيد زلمي ، ڊائمنڊ ڪنگ ، اظهر قلندر ، حيدري گليڊيٽرز ، جيو سلطان حصو وٺي رهيون آهن. ٽورنامينٽ جون ميچون 20 اوورن تي مشتمل هونديون. ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ 15 جنوري تي ٿيندو. جنهن ۾ کٽيندڙ ٽيم کي ٽرافي سان گڏ ٻه لک روپيه نقد انعام ڏنو ويندو. ٽورنامينٽ ۾ شامل ڇهني ٽيمن جي رانديگرن پاران پنهنجي ڪئپٽن حسام رند ، شهباز شيخ ، صالح ڪيريو ، منصور راول ، مصطفيٰ ڪيريو ، امير الدين انڙ ، علي حسن انڙ سان گڏ ريلين جي صورت ۾ گرائونڊ ۾ پهتا. ان موقعي تي شاندار آتشبازي ڪئي وئي. اففتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ گل محمد رند چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي پنهنجا حق ملڻ گهرجن. هن ٽورنامينٽ کيڏڻ بعد نوجوان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ حصو وٺي سگهندا. راند ۾ هار جيت ٿيندي آهي پر نوجوانن کي راند کي راند ڪري کيڏڻ گهرجن اسان جا نوجوان ملڪ جو سرمايو آهن. ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ امام الدين ڪيريو ، الطاف ڀٽي ، قاضي جاويد سنائي ، ميڊيا سينٽر سڪرنڊ جي صدر قربان عمراڻي ، علي شير انڙ ، اقبال رند ، طفيل جمالي ، رضا محمد سيال ، ڪامل رند ، راشد کهڙو ، امير گل ، محمد يامين شيخ، مير حسن رند ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪيو. ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ ڊائمنڊ ڪنگ ۽ سعيد زلمي وچ ۾ ٿي گذري.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ