هندو نياڻين جو مذهب مٽائڻ سنڌ مان هندن کي لڏائڻ جي سازش آهي

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) سنڌ جي مختلف شھرن مان ويھ کان وڌيڪ ھندو نياڻين کي زبردستي اغوا ڪري کين مذھب مٽائڻ واري عمل خلاف غوثپور شھر جي ھندو برادري سراپا احتجاج بڻجي ويئي. ان سلسلي ۾ ھندو پئنچايت جي اڳواڻن مکي ڊاڪٽر سريش لال، ديوان روشن لال، برج لال، منوھرلال، ٽيڪچند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ھندو عورتن۽ مردن مندر چوڪ تي ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مائي راجڪماري ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ھڪ ڊگھي سازش تحت اسان ھندن خلاف سازشون ڪيتري عرصي کان جاري آھن. خاص ڪري ڪجھ مھينن کان اسانجي20 کان وڌيڪ نياڻين ۽ نوجوانن کي ورغلائي زبردستي مذھب تبديل ڪرايو ويوآھي۔

اسان سنڌي آھيون ۽ ھي ملڪ اسانجو به آھي. جيڪڏھن سازشي ڌريون سمجھن ٿيون ته اسان اھڙين ڪريل حرڪتن سان ڌرتي ڇڏي وينداسين ته اھا انھن جي ڀل آھي. اسانجو جيئڻ مرڻ سنڌ سان آھي. عمران خان جي نئين پاڪستان مان مايوس آھيون. اسلام وسيع مذھب آھي جنھن کي ڪجھ شرپسندن غلط حرڪتن جي ڪري بدنام ڪيو پيووڃي. اسان کي سنڌ مان لڏائڻ جون سازشون نه ڪريو اسان کي تحفظ ڏيو ۽ اسانجي اغوا ڪيل نياڻين واري واقعي ۾ ملوث شرپسندن خلاف سخت ڪاروائي ڪري ھندو برادري ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪرايو نه ته ڪراچي کان ڪشمور تائين احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو