هنڊريڊ ليگ ۾ سڀ کان مهانگو پاڪستاني رانديگر ڪير ؟

لاهور (ويب ڊيسڪ)انگلش ڪرڪيٽ ليگ دي هينڊرڊ جي ڊرافٽنگ مڪمل ٿي وئي آهي، ڪيترائي پاڪستاني رانديگر ليگ جو حصو بڻجي ويا آهن.رپورٽن مطابق فاسٽ بالر شاهين آفريدي پاڪستان جو مهانگو رانديگر رهيو، ويلش فائر شاهين کي هڪ لک پائونڊن ۾ خريد ڪيو.ان کان علاوه حارث رئوف به 60 هزار پائونڊن ۾ ويلش فائر جو حصو بڻيو جڏهن ته اوول انڪائونٽيبلز فاسٽ بالر احسان الله کي 40 هزار پائونڊن ۾ ورتو.شاداب خان کي برمنگهم فينڪس طرفان 100,000 پائونڊ ۾ ٻيهر مقرر ڪيو ويو.ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان کي ڪنهن به ٽيم ڊرافٽنگ ۾ شامل ناهي ڪيو.واضح رهي ته هينڊرڊ ليگ پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو