نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گوگل 2024 ۾ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيل شخصيتن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.گوگل 6 مختلف ڪيٽيگريز ۾ پاڪستانين جي پسنديده سرچ جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.ڪرڪيٽ، ڪيئن ڪجي، ترڪيب، فلمون ۽ ڊراما، ٽيڪنالاجي ۽ شخصيتون شامل آهن.گوگل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها لسٽ اربين سرچن مان سڄي سال ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽرندين (ٽرينڊز) کي نظر ۾ رکندي تيار ڪئي وئي آهي.2024 اهو سال آهي جڏهن پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي منفرد شخصيتون گوگل تي سرچ ڪيون ويون آهن.هن سال پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيل شخصيت ايراني ڄائي فرانسيسي فوٽوگرافر عباس عطار آهي.اهو واضح ناهي ته ماڻهن انهن کي سڀ کان وڌيڪ ڇو سرچ ڪيو، پر گوگل ٽريڊس جي مطابق مارچ 2024 جي آخر ۾ انهن بابت تمام گهڻيون سرچ ڪيون ويون.ان وقت گوگل سندس نالي جو هڪ ڊوڊل جاري ڪيو هو جيڪو شايد سندس سرچ جو سبب بڻيو.هن سال پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيل شخصيتن جا نالا هيٺ ڏسو.
1. عباس عطار
2. ايتل عدنان (لبناني-آمريڪي شاعر)
3. ارشد نديم
4. ثنا جاويد
5. ساجد خان
6. شعيب ملڪ
7. حريم شاهه
8. مناهل ملڪ
9. زويا ناصر
10. مڪيش امباني