ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال رمضان المبارڪ ۾ هڪ اهڙو انوکو فلڪياتي واقعو پيش ايندو، جيڪو 33 سالن ۾ هڪ ڀيرو پيش ايندو آهي. عام طور تي سڄي دنيا ۾ تاريخ ۽ ڏينهن جو حساب رکڻ لاءِ ٻه ڪيلينڊر استعمال ڪيا ويندا آهن، هڪ شمسي آهي، جنهن کي عيسوي ڪيلينڊر به چيو ويندو آهي، جڏهن ته ٻيو اسلامي ڪيلينڊر آهي، جنهن کي هجري ڪيلينڊر به چيو ويندو آهي، جيڪو چنڊ جي حساب سان ترتيب ڏنو ويندو آهي. رپورٽ موجب اهو ورهين کانپوءِ ٿيندو آهي ته ٻئي ڪيلينڊر هڪ ئي وقت شروع ٿين، معنيٰ شمسي ۽ قمري مهيني جي شروعات هڪ ئي تاريخ کان ٿئي، هن ڀيري رمضان ۾ اهو انمول واقعو پيش اچي سگهي ٿو. اهو واضح امڪان آهي ته رمضان مهيني جي شروعات پهرين مارچ کان ٿيندي، معنيٰ هجري مهينو ۽ شمسي مهينو ٻئي گڏ شروع ٿيندا. فلڪياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته ائين هر 33 سالن کانپوءِ ٿيندو آهي، اهو چنڊ ۽ سج جي مدارن ۾ چڪر ۾ هڪ ناياب هم آهنگي سبب ٿيندو آهي.
