هن ڀيري پوري پاڪستان کي بلاڪ ڪري ڇڏينداسين: علي امين

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته آئيني ترميم کي اسان نٿا مڃون، اهڙي ترميم جي خلاف احتجاج ڪنداسين ۽ هن ڀيري پوري پاڪستان کي بلاڪ ڪري ڇڏينداسين.پشاور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته آئيني ترميم آزاد عدليه تي حملو آهي، انهي کي نٿا مڃون، احتجاج جي لاءِ هن ڀيري پوري پاڪستان مان ماڻهو اسلام آباد پهچندا.علي امين گنڊاپور چيو ته آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙن کي پارٽي مان نيڪالي ڏني ويندي، پارٽي سان غداري ڪندڙن کي فارغ ڪيو ويندو. ڊڄڻن ماڻهن جي پارٽي ۾ جڳهه نه آهي، اسان جو احتجاج حڪومت مان جان ڇڏائڻ تائين جاري رهندو. هن چيو ته ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙن کي پارٽي طرفان شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويندو. اسان پنهنجا حق وٺڻ لاءِ ڄميل آهيون، وقت تبديل ٿيندو، اسان پنهنجو مينڊيٽ واپس وٺنداسين خراب وقت ۾ پنهنجي پرائي جي خبر پئجي رهي آهي.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته ترميم اهڙي حڪومت پاس ڪئي آهي جيڪا پاڻ جعلي آئي، آئيني ترميم جي خلاف آواز اٿارينداسين، قانوني حق استعمال ڪنداسين، باجوڙ ۾ مبارڪ زيب کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جو منهنجو فيصلو صحيح هو، اهو لوٽو نڪتو، مبارڪ زيب جي مقابلي ۾ پارٽي اڳواڻن قربانيون ڏنيون، مبارڪ زيب صرف پنهنجو ووٽ ناهي وڪرو ڪيو پر هن باجوڙ جو حق وڪرو ڪيو آهي.علي امين گنڊاپور چيو ته پرامن رهڻو آهي سياسي تحريڪ آهي سياسي طريقي سان اڳيان وڌندي، ڳوڙها آڻِندڙ گيس ۽ هر قسم جي فسطانيت جو مقابلو ڪرڻ آسان نه آهي، اسان هن ڀيري پوري پاڪستان کي بلاڪ ڪري ڇڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو