بيجنگ(ويب ديسڪ) چين جي موبائيل فون ڪمپني هواوي ناقابل يقين، جادوئي ٽيڪنالوجي واري موبائل فون سيريز ميٽ 7 متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. هن فون مان ڪو به ماڻهو هٿ جي اشاري سان ڊيٽا ڪنهن به هواوي جي ٻئي ڊوائيس ۾ منتقل ڪري سگهي ٿو. اوهان فون جي اسڪرين آڏو ڪنهن به ڊيٽا سامهون هٿ کوليو ته اها ڊيٿا اوهانجي هٿ ۾ اچي ويندي ۽ هڪ اشاري سان اها ڊيٽا ٻئي ڊوائيس ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿي. جيئن ڪو پير فقير شوڪارو هڻندو آهي ۽ ڪو ڪرتب يا جادو ڏيکاريندو آهي بلڪل ان جيان بنا ڪنهن ڪيبل ۽ ڊيٽا ڊيوائس جي اها ڊيٽا ٻئي ڊوائيس ۾ منتقل ٿئي ٿي. ڪمپني هڪ ويڊيو به جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ ماڻهو ڊيٽا هٿ تي ڪاپي ڪري ٻئي ماڻهو جي هٿ تي اشاري سان منتقل ڪري ٿو ۽ ٻيو شخص وري ٽئين کي، اهڙي طرح ڪيترائي ماڻهو هڪٻئي کي اشارو ڪري ڊيٽا منتقل ڪن ٿا ۽ آخر ۾ اها ڊيٽا ڪيترن هٿن مان ٿيندي نيٺ ڊوائيس ۾ منتقل ٿئي ٿي. هي ٽيڪنالاجي پهريون ڀيرو دنيا ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن آمريڪا جي وڏي ڪمپني ايپل ۽ ڪوريا جي ڪمپني سام سنگ کي گهڻو پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. نومبر جي آخر ۾ لانچ ڪيل هن سيريز جا 3 ماڊل آهن. Huawei جي ڪاروباري گروپ جي چيئرمين رچرڊ يو جي مطابق، فون اڄ تائين سڀ کان وڌيڪ طاقتور ميٽ فون“آهي. Huawei جي سيريز ۾ ٽي فون لانچ شامل آهن: ميٽ 70، ميٽ 70 پرو ۽ ميٽ 70 پرو پلس شامل آهن. انهن جي قيمت لڳ ڀڳ 760 ڊالر (2 لک 12 هزار رپيا) کان شروع ٿئي ٿي. هواوي جو هي سيسٽم پنهنجي تيار ڪيل آپريٽنگ سسٽم HarmonyOS NEXT. تي هلي ٿو. 2019 تائين هواوي جا فون گوگل جي اينڊرائڊ سيسٽم تي هلندا هئا پر آمريڪا پاران لاڳو ڪيل پابندي بعد هواوي پنهنجو نظام ٺاهيو جيڪو 15 هزار ايپس تي هلي ٿو. ڪمپني جو چوڻ آهي ته جلد ئي انهن جو انگ هڪ لک ايپس تائين پڄي ويندو. ڪمپني جو چوڻ آهي ته سندن ميٽ 70 فون جو پروسيسر پراڻي ميٽ 60 جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو وڌيڪ تيز ڪم ڪري ٿو.
