هوم ليس ورلڊ ڪپ فٽبال کيڏندڙ رانديگرن جو ڀرپوراستقبال

ٽنڊوباگو(فرحت خواجا) انگلينڊ ۾ هوم ليس فٽبال ورلڊ ڪپ کيڏڻ کان پوءِ، پاڪستاني ٽيم جي نمائندگي ڪندڙ ٽنڊوباگو جي ٻن رانديگرن  احسان بلوچ ۽ مير عمار ٽالپر جو ڳوٺ پهچڻ تي، مير غلام محمد خان ٽالپر فٽبال ڪلب جي رانديگرن ۽ ٽنڊوباگو جي شهرين پاران ٽنڊوباگو تلهار روڊ تي بس اسٽاپ کاڏو وٽان شاندار استقبال ڪري، مٿن گلن جي ورکا ڪئي ڀرڳڙي پئٽرول پمپ وٽ اسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو لياقت علي لنڊ، ٽائون چيئرمين خان صاحب جمالي، مير وقار ٽالپر، راحيل قلندري شفيع محمد قمبراڻي سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سوين شهرين، سندن شاندار استقبال ڪري مٿن گلن جي ورکا ڪئي ۽ کين اجرڪن جا تحفه ڏنا. جنهن بعد کين جلوس جي صورت ۾ ٽنڊوباگو پريس ڪلب آندو ويو. جتي ٻنهي رانديگرن جي مان ۾ آجياڻي جي تقريب ٿي جنهن کي چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ٽنڊو باگو خان صاحب جمالي ۽ مير وقار ٽالپر خطاب ڪيو. ان موقعي تي احسان بلوچ ۽ مير عمار ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته پھريون ڀيرو پاڪستان جي ٽيم هوم ليس فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪئي پر بدقسمتي سان ڪوارٽر فائنل ۾ به نه پهتي.

پهنجو تبصرو موڪليو